سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچي مان سمورا سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾سرڪاري ملڪيتن ۽ عوامي هنڌن تي سائن بورڊ، سياسي بينر ۽ اشتهار لڳائڻ جو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي عدالت   ڪراچي جي ميئر ۽ ٻين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالت ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، ڊي ايڇ اي، ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ ٻين کي شهر مان سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي . سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ حڪمن تي عملدرآمد ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت حڪم ڏيندي چيو جيڪڏهن چئن هفتن اندر عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو ته ميئر ڪراچي، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

  1. پاڪستان کي 1940ع جي ٺهراءُ تحت هلايو وڃي: وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار ۽ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي قائد اعظم محمد علي جناح جي سيڪيولر اصولن تحت هلائڻ بدران قومن جي قيد خاني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل قرارداد پاڪستان جي نفي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ صوبن جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ترميم جمهوري وفاق جو چهرو چٿڻ ڪرڻ برابر آهي. ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم ڪري سنڌ جي حق تلفي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته پاڪستان کي سامراج جي غلامي مان آزاد ڪرائڻ جي ضرورت آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خوشحالي لاءِ ضروري آهي ته 1940 جي ٺهرائن تحت سمورن صوبن کي حق ڏنا وڃن. زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن. ايس آئي ايف سي جو غير آئيني ادارو ختم ڪيو وڃي.

  1. بجلي بلن ۾ نئون ٽيڪس نه لڳايو: ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او سان رابطو ڪرڻ بعد چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي.هن چيو ته بجلي جي بلن  مان اضافي ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ وفاق سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي بلن مان مختلف ٽيڪس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي عوام کي رليف ڏنو وڃي.هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ شامل مختلف ٽيڪس صارفين تي اضافي بار آهن، مهانگي بجلي عوام جي پهچ کان ٻاهر آهي.

  1. ڪوئيٽا ۾ 3 دستي بم حملا، 3 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽن دستي بم ح3ملن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب اڱاري جي شام شهر جي وچ واري علائقي لياقت بازار جي پراڻي بازار ۾ چائنا  مارڪيٽ وٽ نامعلوم دهشتگردن دستي بم اڇلايو، جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن سڃاڻپ محمد، حبيب الرحمان، عرفان، ساگر ۽ يوسف مسيح طور ٿي. زخمي نوجوان عرفان الله ٽراما سينٽر ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سرياب منير مينگل روڊ تي نواب غوث بخش گرلز هاءِ اسڪول تي به دستي بم اڇلايو ويو، جنهن ۾ هڪ چوڪيدار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته اسڪول جي دروازي کي جزوي نقصان پهتو. هوڏانهن ڪلي ديبه جي يار محمد اسٽريٽ ۾ گهر تي دستي بم اڇلايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 2 ڄڻا مارجي ويا.

  1. معاهدن تي عمل لاءِ حڪومت وٽ 40 ڏينهن آهن، احتجاج جاري رهندو: حافظ نعيم الرحمان

اسلام آباد (پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجلي جي اگهن تي حڪومتي معاهدي تي عمل ڪرائينداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا  سان ڳالهائيندي حافط نعيم الرحمان چيو ته بجلي جا بل عوام جي وس مان ٻاهر ٿي ويا آهن، حڪومت وٽ معاهدو پورو ڪرڻ لاءِ 40 ڏينهن بچيا آهن. حڪومت معاهدي تي عملدرآمد نه ڪيو ته پرامن هڙتال جو سڏ ڏينداسين. جماعت اسلامي جا آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني، ايف بي آر سميت ٻين کاتن ۾ ڦرلٽ جو ڪلچر ختم ڪرڻ، وڏن زميندارن تي ٽيڪس هڻڻ، وياج گهٽائڻ، ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين معاهدي تي عمل ڪرڻ ۽ عوام تي مڙھيل حڪمرانن جون مراعتون ختم ڪرڻ جا مطالبا آهن. حافظ نعيم الرحمان جي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس وقت نائب امير ميان اسلم، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سيد فراست شاهه، امير اسلام آباد نصرالله رنڌاوا، مرڪزي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر شاهد شمسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اڳواڻن اعلان ڪيو ته 16 آگسٽ تي ملتان ۾ ريلي ۽ جلسو ٿيندو ان کانپوءِ سڄي پاڪستان ۾ ريليون ۽ جلسا  جاري رهندا.

  1. فضل الرحمان پاران چيف جسٽس سميت ٽن ججن خلاف ريفرنس جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيف جسٽس سميت ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي مبارڪ ثاني ڪيس ۾ ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻمرادو فيصلي تي نظرثاني ڪري، اي پي سي واضح ڪري ٿي ته سپريم ڪورٽ قاديانين کي آئين ۽ قانون جو پابند بڻائڻ واري فيصلي مان مونجهارو ختم ڪري. مولانا فضل الرحمان چيو ته مبارڪ ثاني ڪيس جي فيصلي تي خاموش نه ويهنداسين. سپريم ڪورٽ مبارڪ ثاني ڪيس ۾ قاديانين کي سهولتڪاري ڏني وئي آهي، پاڪستان جي آئين ۾ ختم نبوت جي تحفظ کي ڄاڻي واڻي نقصان پهچايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح هڪ قادياني جو ڪيس ٻئي جج آڏو سپريم ڪورٽ ۾ آيو، قادياني جي ضمانت جو فيصلو ٿيڻو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.