ڪراچي (رپورٽر) اورنگي ٽائون جي علائقي ۾ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هو محفوظ رهي. ڊاڪٽر ثمرين جشن آزادي جي تقريب ۾ شريڪ هئي ته سندس گاڏي تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي اولهه حفيظ بگٽي موجب ڊاڪٽر ثمين جي گاڏي تي پارڪنگ ۾ فائرنگ ڪئي وئي، معاملو اسٽريٽ ڪرائم جو ناهي. ڊي آءِ جي اولهه موجب واقعي ۾ ڊاڪٽر ثمرين محفوظ رهي، جاچ ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر ثمرين حسين پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرواري آهي. گورنر سنڌ پاران دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين تي حملي جي مذمت ڪئي وئي. گورنر ڪامران ٽيسوري ايڊيشنل آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سندس چوڻ هو ته ملوث عنصرن کي هر صورت قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.