فيض حميد سان گڏ فوجي آفيسرن سميت 11 ڄڻا قيد،ثاقب نثار به نشاني تي؟

اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد سان گڏ 11 ڄڻا گرفتار هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،ٽاپ سٽي جو معاملو 2017ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آيو تڏهوڪي چيف جسٽس  ثاقب نثار پراسرار طريقي سان اهو معاملو دٻائي انڪوائري بند ڪري ڇڏي،عسڪري ذريعن موجب ٽاپ سٽي معاملي تي فيض حميد ڊي جي سي هوندي تڏهوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کان اجازت ورتي ته ٽاپ سٽي ۾ ايم ڪيو ايم جا دهشت گرد ۽ ٽارگيٽ ڪلر لڪيل آهن ،فوج ،آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز جي مدد سان ڇاپو هڻڻ چاهي ٿي، جنرل باجوا اجازت ڏئي ڇڏي،بعد ۾ خبر پئي ته اتي ايم ڪيو ايم جا دهشت گرد لڪيل نه هئا پر جنرل فيض حميد هائوسنگ اسڪيم جي مالڪ ڪنور معيز کي ڌمڪائڻ پئي چاهيو،فوج جي اندورني انٽيليجنس تڏهن ئي فيض حميد خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي پوءِ جڏهن معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آيو ته جسٽس ثاقب نثار فوج کي فيض حميد خلاف رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهو رڪارڊ گم ٿي ويو آهي،ان معاملي تي جسٽس(ر)ثاقب نثار چيو ته اهو معاملو نه پيو ٺهي ان ڪري ان کي داخل دفتر ڪري ڇڏيو،رڪارڊ ضايع ڪرڻ جي مون کي تفصيلن جي خبر ناهي، وڌيڪ سوال پڇڻ تي هن چيو ته مان جيو ۽ جنگ گروپ جي ڪنهن به صحافي سان ڳالهائڻ نٿو چاهيان،اڄ کانپوءِ جيو ۽ جنگ گروپ جا صحافي مون سان رابطو به نه ڪن،ٽاپ سٽي ڪرپشن ڪيس ۾ جنرل فيض سان گڏ 11 ٻيا ماڻهو به قيد آهن،انهن ۾ اسلام آباد جو اڳوڻو سيڪٽر ڪمانڊر ڪرنل لياقت،هڪ برگيڊيئر ،ڪجهه فوج ۽ رينجرز جا عملدار ۽ ٻه سويلينز شامل آهن،ان کان علاوه 9 مئي جي حوالي سان فيض حميد ۽ عمران خان جي نالن سان گڏ فوج اندر آفيسر،عدليه ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس جج به وڪڙ ۾ اچڻ وارا آهن،وڏن نالن خلاف ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه ثبوت ۽ شاهدين سان جاچ ڪئي ويندي،عدليه ۾ ماتحت نه پر سپريم ڪورٽ،هاءِ ڪورٽ سطح جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ججن جا نالا سامهون اچڻ وارا آهن،انهن خلاف ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي،ذريعن موجب عمران خان جي فوج خلاف جيڪا به مهم هئي ان ۾ فيض حميد ئي سڀ ڪجهه عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي گائيڊلائن ڏيندو هو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي هڪ اڳوڻي وفاقي وزير جنرل فيض حميد،عمران خان ۽ صدر عارف علوي وچ ۾ ويجهي ماضي ۾ هڪ ميٽنگ ڪرائي ۽ ان جي سموري رڪارڊنگ به ڪري ڇڏي جيڪا بعد ۾ فوج جي موجوده قيادت حوالي ڪئي وئي،جنرل فيض حميد فوجي قيادت کان لڪي عمران خان سان ملاقاتون ڪندو هو، ايس آءِ ايف سي خلاف تازو جيڪا مهم هلائي وئي ان جي منصوبابندي ۾ جنرل فيض حميد ملوث هو،ان مهم ۾ خاص طور تي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي هدف بڻايو ويو هو، ان کان علاوه 9 مئي واقعن دوران فوج جي اهم تنصيبات تي حملن جي نشاندهي ڪرڻ بابت فيض حميد خلاف پڪا ثبوت ملي ويا آهن،اهم عسڪري ذريعي ٻڌايو ته سمري ڪورٽ مارشل ۾ ڪرنل سطح جو آفيسر سربراهي ڪندو آهي ان ۾ هيٺين سطح جي فوجي آفيسرن کي ننڍن ننڍن معاملن تي ڪورٽ مارشل ڪري وڌ ۾ وڌ ٻن سالن جي سزا ڏني ويندي آهي جڏهن ته فيلڊ ڪورٽ مارشل ۾ ميجر جنرل رينڪ جو عملدار سربراهي ڪندو آهي،ان سان گڏ ٻه ٻيا فوج جا آفيسر هوندا آهن اهي سنجيده نوعيت جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا، هڪ مهيني اندر ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي، جنرل فيض خلاف وڏي ڪرپشن ثابت ٿي ته هن کي 7 يا 14 سال قيد ملي سگهي ٿي باقي ننڍي ڪرپشن تي ٻه ٽي سال سزا ٿي سگهي ٿي،ان کان علاوه فوج ۾ جيڪا سخت ترين سزا سمجهي ويندي آهي اها رينڪ ۽ مراعتون واپس وٺڻ آهي،سزا ملڻ تي هو ليفٽيننٽ جنرل نه رهي سگهندو،

اسلام آباد (اعزاز سيد) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) فيض حميد کي گرفتاريءَ کانپوءِ راولپنڊي جي هڪ ريسٽ هائوس  ۾ رکيو ويو آهي. هن کان موبائل فون ورتي وئي آهي ۽ ان مان ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي ته هو ڪنهن سان رابطي ۾ هو. جنرل فيض حميد خلاف ٽاپ سٽي پروجيڪٽ جي مالڪ قمر معيز جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جنهن جي پروجيڪٽ ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي الزام ۾ ڪارروائي ڪري ان تي قبضي ڪرڻ جو الزام آهي. اهو 2017 جو معاملو آهي، جنهن تي هاڻي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ان معاملي ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو ڪو هٿ ناهي، اهو ڪم جنرل فيض حميد پنهنجي طور تي ڪيو هو. ان لاءِ جنرل باجوه خلاف ڪارروائي نه ٿيندي پر جنرل فيض پاڻ کي بچائڻ لاءِ جنرل باجوا تي الزام هڻي سگهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته جڏھن جنرل فيض ٽاپ سٽي خلاف دهشتگردي جو بهانو بڻائي ڪارروائي ڪئي ته هن فوجي قيادت کي ان جي آگاهي ڏني هئي پر ايم آءِ ان معاملي جي پاڻ جاچ ڪري حقيقتن بابت رپورٽ فوجي قيادت کي ڏني هئي، جنهن تي فوجي قيادت 2017 ۾ به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪيس سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ڏانهن موڪليو هو. فوجي قيادت ان ڪيس جو رڪارڊ سپريم ڪورٽ کان گهريو هو پر هن اهو رڪارڊ فوج کي نه ڏنو هو. ٻئي طرف جنرل فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ قيادت ۾ رابطن جي تصديق ڪئي وئي آهي

جنرل باجوا جي گهر جو سيڪيورٽي عملو تبديل

لاهور(معظم فخر)جنرل فيض حميد کانپوءِ پراجيڪٽ عمران خان سان ڳنڍيل هر هڪ شخص جي احتساب جو وقت اچي ويو،جنرل فيض حميد پنهنجي گرفتاري کان اڳ گهڻن ماڻهن سان رابطي ۾ هو، پراجيڪٽ عمران خان کي سڀ کان وڌيڪ استعمال اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪيو، باجوا اداري  جي بائونڊري به پار ڪري عمران خان جي حمايت ڪئي هئي، بي اعتمادي رٿ دوران به جنرل باجوا ڊبل گيم ڪندو رهيو،هن چوڌري پرويز الاهي کي عمران خان سان گڏ وڃڻ جو مشورو ڏنو هو، اقتداري شهر ۾ اها خبر به گرم آهي ته جنرل باجوا جي گهر جي چوڌاري نوان اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اڳوڻي آرمي چيف ان سيڪيورٽي روٽين ۾ تبديلي تي ڪو به اعتراض ناهي ڪيو، ان جو مطلب ته باجوا کي به خبر آهي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي، ايندڙ ڏينهن سياست ۾ هنگاما خيز ثابت ٿيندا، فيض حميد جي گرفتاري سان هڪ انڪشاف اهو ته ٿيو ته پي ٽي آءِ کي ”ڪير“ هلائي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا تي وڏو ڪريڪ ڊائون ٿيڻ وارو آهي،هن وقت پي ٽي آءِ ۾ ماٺار ڇانيل آهي.

فيض حميد سان گڏ 52 ماڻهو گرفتار ٿيڻ جا چئوٻول

اسلام آباد(گوهر بٽ)جنرل فيض حميد سان گڏ 52 ماڻهو گرفتار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انهن ۾ ڪجهه غير سياسي ماڻهو شامل آهن، عمران خان جنرل فيض حميد کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي،آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي  سربراهه جي اعترافن جو سلسلو به جلد شروع ٿيڻ وارو آهي، جنرل فيض عمران خان لاءِ ايترو خطرناڪ نه هوندو جيترو بشريٰ بي بي عرف پنڪي پيرڻي لاءِ هوندو، جنرل فيض ئي اهو ” جن“  آهي جيڪو پنڪي پيرڻي کي سمورا اطلاع ڏيندو هو، جنهن جي بنياد تي اڳوڻا وزيراعظم فيصلا ڪندو هو،پنڪي پيرڻي ئي پنجاب تي عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي کي مڙهيو، فيض حميد جي خاندان وٽ شروع ۾ تمام گهٽ زمين هئي هو جڏهن آءِ ايس آءِ سربراهه ٿيو ته هن وٽ 2200 ايڪڙ زمين ٿي وئي،ڪيترن ئي ڊيرن تي مهانگا فرنيچر لڳل آهن، جنرل فيض جي گرفتاري کانپوءِ” ڊپلوميٽڪ انڪليو“ مان اهڙو ڪو ردعمل ناهي آيو،جنرل فيض حميد پاڪستان ۾ سياسي انتشار جو محرڪ هو،

فيض حميد جاچ ۾ وڏا نالا فاش ڪري سگهي ٿو؟

اسلام آباد(اعجاز احمد+آصف بشير چوڌري)فيض حميد خلاف چارج شيٽ وڏي آهي،ان  ۾ ڪي پي ۾ افغانستان ۾ ٽي ٽي پي  کي ٻيهر واپس آڻي ويهارڻ به شامل آهي، خالي 9 مئي نه قومي سلامتي سان ڳنڍيل ٻيا معاملا به آهن، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار به وڪڙ ۾ پوڻ وارا آهن، فيض حميد 6،7 سالن تائين پاڪستان جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل رهيو،هن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، اهو سڄو معاملو پاڪستان جي فوج، عدليه ۽ نام نهاد آزاد ميڊيا ڏسندي رهي،فيض حميد ملڪ جو پهريون جاسوس آهي جنهن جو نالو ملڪ جي ٻچي ٻچي کي خبر هو، جاچ ۾ هن سازش ۾ شامل ماڻهن جا نالا کنيا ته گهڻن ججن،سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن جا نالا سامهون ايندا،فوجي قيادت هاڻي احتساب جو ڏنڊو کڻي ڇڏيو آهي،

فيض حميد سان گڏ جنرل باجوا خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: تجزئي نگار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته فيض حميد  جي گرفتاري جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فيض حميد جي ڊڪٽيشن کان تنگ اچي ويا هئا،هڪ سينئر اڳواڻ جيل ۾ عمران خان کي وڃي شڪايت ڪئي ته فيض حميد ڪهڙي چڪر ۾ اسان کي هدايتون ڏئي رهيو آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ پارٽي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي چار اڳواڻن جڏهن غورويچار ڪيو ته فيض حميد انهن سڀني سان رابطن ۾ هو ۽ مٿن  انڪشاف ٿيو ته هو پنهنجا ذاتي مقصد پورا ڪري رهيو هو،پارٽي کي سياسي طور نقصان پهچي رهيو هو جنهن بعد پارٽي اڳواڻن هن سان رابطا ختم ڪري ڇڏيا،هن چيو ته فيض حميد جي گرفتاري جو فوج جو اميج به وڌندو .9 مئي جي واقعي ۾ پي ٽي آءِ کي فيض حميد ئي مس گائيڊ ڪيو، فوج جي ڪجهه آفيسرن کي به هو گمراهه ڪري رهيو هو،هو پي ٽي آءِ اڳواڻن کي چوندو هو ته توهان فوج جي فلاڻي آفيسر جو نالو کڻي تنقيد ڪريو،فيض حميد نوازشريف ۽ شهبازشريف سان رابطا ڪري آرمي چيف بڻجڻ لاءِ لابنگ ڪئي،شهباز ڪابينا جي هڪ سينئر وزير وزيراعظم کي چيو ته فيض حميد سان هڪ ملاقات ڪري وٺو،فوج ۾ بغاوت جو اصل سرغنه فيض حميد ئي هو،ٽاپ سٽي واري معاملي تي ڪارروائي رڳو فيض حميد خلاف نه جنرل باجوا خلاف به ٿيڻ گهرجي، ملٽري انٽيليجنس کي ته سڄي معاملي جي خبر هئي، جنرل باجوا ۽ جنرل فيض پاڪ فوج کي جيترو نقصان پهچايو ايترو اڳ ۾ ڪنهن به نه پهچايو،ٻئي هڪ ٻئي کي ڊبل ڪراس ڪري اداري کي به دوکو پهچائي رهيو هو،

فيض حميد جي گرفتاري تي سياسي پارٽين کي سڪتو

لاهور(مزمل سهروردي)جنرل فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ سڪتي ۾ اچي وئي آهي، سمورين سياسي جماعتن کي نانگ سونگهي ويو آهي، رڳو ن ليگ جشن ملهائي رهي آهي ۽پوائنٽ اسڪورنگ ڪري ڪجهه ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، باقي ايم ڪيو ايم، پ پ ،جي يو آءِ،اي اين پي سميت سموريون وڏيون پارٽيون خاموش آهن، انهن جي راءِ آهي  ته اهو فوج جو اندريون معاملو آهي، فيصل واوڊا ۽ ٻيا صحافي آپريشن ڪلين اپ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنرل فيض جي گرفتاري جو معاملو اڃا وڌندو، عاصم منير جنرل فيض سان ڪا به دشمني نه پيو ڪڍي،

جسٽس ثاقب،اعجاز الاحسن،مظاهري نقوي خلاف انڪوائري ٿيڻ واري؟

لاهور(امداد سومرو) فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ اهو هُل هلي رهيو هو ته جسٽس(ر)  ثاقب نثار کي به گرفتار ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ ”اداراجاتي“ اتحاد سدائين ڪم ڏيکاري ويندو آهي، ڀٽو شهيد جي ريفرنس ۾ جڏهن سپريم ڪورٽ ان عدالتي قتل تي فيصلو ڏنو هو ته انهن ججن کي سزا ڏيڻ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو هو،ضيا جي مارشل لا ۽ مشرف جي مارشل لائن جي توثيق ڪندڙ ججن جا نالا ئي رڳو سپريم ڪورٽ جي عمارت مان ڪڍيا وڃن ها، عدليه ۾ عمران خان جا حمايتي جج اڃا به موجود آهن، 9 مئي واقعا ڪرائيندڙ (عمران خان)کي جڏهن مرسيڊيز ڪار ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو پئي ويو ته ان وقت جي چيف جسٽس(عمر عطا بنديال) رمارڪس ڏنا ته گڊ ٽو سي يو(توهان کي ڏسي خوشي ٿي)عمران حامي اڳوڻن ججن خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي، جسٽس مظاهر نقوي خلاف اربين رپين جو پلاٽ ڦٻائڻ تي ميان دائود سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ،جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس ثاقب نثار خلاف به انڪوائري ٿيڻ واري آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.