ايبٽ آباد(م ڊ) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ آزادي جي پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج تي قوم جو پڪو اعتماد اسان جو قيمتي اثاثو آهي، ڪا به ناڪاري قوت اعتماد ۽ محبت جي هن رشتي کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪري سگهندي. پاڪ فوج ملڪ جي اندروني ۽ بيروني دفاع جو حلف کڻي ورتو آهي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪيڊٽس منفرد انداز ۾ ڊرل پريڊ ۾ پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪيو. مادر وطن جي شهيدن کي خاص خراج پيش ڪيو ويو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جو مقصد صرف جاگرافيائي خطي جو حصو حاصل ڪرڻ نه هو پر هڪ تهذيب ٻه قومي نظريو اسان جي قومي شعور جو بنياد آهي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 77 هين يوم آزادي جي موقعي تي آزادي پريڊ ٿي. تقريب جو مهمان خاص آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪيڊٽس منفرد انداز ۾ ڊرل پريڊ ۾ پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪيو. مادر وطن جي شهيدن کي خاص خراج پيش ڪيو ويو. آرمي چيف خطاب ڪندي چيو ته آزاد فضا ۾ زندگي گذارڻ شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته ٻه قومي نظريي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ڌار سڃاڻپ ۽ تهذيب جو موقعو ڏنو. آرمي چيو ته انتشار ملڪ کي اندران کوکلو ڪري ٻاهرين جارحيت لاءِ راهه هموار ڪري ٿو. هن چيو ته فوج کي ڪمزور ڪرڻ جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان نه صرف قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي پر اهو دنيا ۾ نمايان مقام ماڻيندو .هن چيو ته افغانستان سان سٺا لاڳاپا ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. افغان سرڪار پنهنجي ملڪ اندر فتنه خوارج ( ٽي ٽي پي) جي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي.هن چيو ته ٻاهرين قوتن ذريعي ملڪ ۾ ڊجيٽل دهشت گردي ذريعي فتنو پکيڙيو پيو وڃي.ڊجيٽل دهشت گردي جو مقصد انتشار پکيڙڻ آهي. ڪي پي ۾ فتنه خوارج جي دهشت گردي هڪ ڀيرو ٻيهر اڀري رهي آهي، اسان واضح ڪيو آهي ته شريعت ۽ آئين کي نه مڃيندڙ کي پاڪستاني نه ٿا مڃيون. هن چيو ته چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪي اسان جا ڏک سک جا مضبوط ساٿي آهن، انهن سان مضبوط لاڳاپا جاري رهندا. هن چيو ته ڪشمير تي ڀارت غير قانوني قبضو ڪيو آهي. اسان ڪشميرين جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته فلسطينين تي اسرائيلي ظلم مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته بلوچستان صوبو بهادر ۽ محب وطن ماڻهن جو مسڪن آهي. پختون ڀائرن دهشت گردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جي آزادي قائداعظم محمد علي جي عظيم قيادت ۽ برصغير جي لکين مسلمانن جي بي لوث قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان جي بزرگن پنهنجي الڳ سڃاڻپ لاءِ لڏپلاڻ جون سختيون برداشت ڪيون ۽ بيشمار قربانيون ڏنيون، انهن قربانين جي ڪري ئي اڄ اسان جي آزادي جو جهنڊو بلند آهي.