سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم تيز ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ  حڪومت صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي لاءِ 6 اهم ترقياتي منصوبن شاداب فٽبال گرائونڊ جي بحالي بلاڪ 11، ايف بي ايريا، شادمان ٽائون ۾ پارڪ ۽ آئي ٽي سينٽر جي تعمير، بلديا اسٽيڊيم جي بحالي، ميمڻ ڳوٺ روڊ جي تعمير، مختلف علائقن جي يونين ڪائونسلن ۾  گهڻ مقصدي ڪميونٽي سينٽرن جي تعمير ۽ ملير ۾ ڪميونٽي سينٽر جي ترقي جي ڪاغذي ڪارروائي تيز ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ترقيات ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هاڻي اسان مڪاني ادارا چونڊيا آهن ۽ انهن جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوام ۽ شهر کي فائدو پهچائين. اجلاس ۾ جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم (جي آئي ايس ) تي ٻڌل ڊور ٽو ڊور پراپرٽي ٽيڪس سروي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني وڏي وزير کي ٻڌايو ته واڪ ملي ويا آهن. ٽيڪنيڪل جائزو مڪمل ڪري ورلڊ بئنڪ سان شيئر ڪيو ويو آهي. ناصر شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته جي آئي ايس تي ٻڌل مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (ايم آئي ايس) سان گڏ اربن اموويبل پراپرٽي ٽيڪس (يو آئي پي ٽي) سروي لاءِ هڪ موبائل ايپليڪيشن، عالمي بئنڪ جي خريداري جي ضابطن موجب انٽرنيشنل ڪمپيٽيٽو بڊنگ (آئي سي بي) جو عمل جاري آهي. هن چيو ته هي منصوبو عالمي بئنڪ جي منظوري سان شروع ٿيندو. وڏي وزير مراد علي شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ لوڪل گورنمينٽ جي کاتن تي زور ڀريو ته پراپرٽي ٽيڪس سروي کي تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته 6 اهم ترقياتي منصوبن جي ڪاغذي ڪارروائي تيز ڪئي وڃي جن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ شاداب فٽبال گرائونڊ جي بحالي بلاڪ 11، ايف بي ايريا، شادمان ٽائون ۾ پارڪ ۽ آئي ٽي سينٽر جي تعمير، بلديا اسٽيڊيم جي بحالي، ميمڻ ڳوٺ روڊ جي تعمير، مختلف علائقن جي يونين ڪائونسلن ۾ ملٽي پرپز ڪميونٽي سينٽرن جي تعمير ۽ ملير ۾ ڪميونٽي سينٽر جي ترقي شامل آهي. ميئر وهاب وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ڪميونٽي سينٽر جا ٻه منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي 25 ٽائونن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪلڪ پروجيڪٽ تحت هلندڙ منصوبن لاءِ 10430 ملين رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير گهٽين، روڊن ۽ عوامي هنڌن جي سار سنڀال جي اهميت تي زور ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.