500 ارب جي بجلي چوري ٿئي ٿي، هِن نِظام کي تبديل ڪرڻو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 77 سالن جي بيمارين مان جان ڇڏرائڻي آهي، پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر جي بحالي ترجيحن ۾ شامل آهن، ملڪ جو بجليءَ جو نظام وڏن چئلينجز کي منهن ڏئي  رهيو آهي، بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ڪافي عرصي کان درست ناهي، حڪومت ان نظام کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن پاڪستان جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي چيئرمينن ۽ بورڊ ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ڊسڪوز جي حوالي سان اسان جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي ناهي، بدانتظامي، ڪرپشن ۽ ٻين سببن جي ڪري ڊسڪوز جي ڪارڪردگي سٺي ناهي ۽ اسان کي پسند ۽ ناپسند مان ناهر نڪرڻو پوندو.هن چيو ته جيڪي ڊسڪوز بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن انهن جي نجڪاري ڪئي ويندي، بجلي جي نظام جي بهتري سان معيشت مستحڪم ٿيندي، شهباز شريف چيو ته هڪ اندازي موجب هر سال 500 ارب رپين جي بجلي چوري ٿيندي آهي، اهو سڀ ڪجهه ملي ڀڳت سان ٿي رهيو آهي، انهن ڊسڪوز ۾ چڱا آفيسر موجود آهن پر جن ڊسڪوز کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي انهن جي به کوٽ ناهي.۽ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته بلن ۾  ڪيئن هيراڦيري ڪئي وڃي ٿي.هن چيو ته بلن ۾ ڦيرڦار کي روڪڻ لاءِ نظام ۾ تبديلين تي ڪم ڪري رهيا آهيون،

اسان جي وزارتن ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي ته ان نظام ۾ سڌارا ڪيئن آڻيون؟ ٻي پاسي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن صنعت ۽ زراعت کي بحال ڪرڻو آهي ته پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻي پوندي ، ايف بي آر جي بحالي کانسواءِ نه مالي صلاحيت هوندي ۽ نه ئي قوم ترقي ڪري سگهندي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.