اپوزيشن پاران حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو، جي ڊي اي ۽ قوم پرست به شامل ٿيندا

اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. محمود خان اچڪزئي دعويٰ ڪئي آهي ته جي ڊي اي ۽ سنڌ جا قوم پرست به اتحاد ۾ شامل ٿيندا. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اپوزيشن پارٽين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ محمد علي دراني شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر گوهر علي، عمر ايوب ۽ اسد قيصر شرڪت ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ بي اين پي مينگل جي وفد پڻ شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ مخالف ڌر جي گڏيل حڪمت عملي بابت ٽي او آرز تي به غور ڪيو ويو. حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڪجهه نقاطي ايجنڊا تيار ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته حڪومت مهانگائي، بدامني ۽ معيشت کي هٿي نه ڏئي سگهي آهي، موجوده حڪومت سمورا واعدا پورا نه ڪيا آهن، وقت اچي ويو آهي ته مخالف ڌر جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان به گڏجي ويهڻ تي اتفاق ڪيو آهي، هو ملاقات جو تفصيلي ايجنڊا بعد ۾ جاري ڪندا. ذريعن موجب محمود اچڪزئي چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ مسئلن جو سبب گڏيل ناقص حڪمت عملي آهي، سمورن مسئلن جو حل آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو آئيني حق تسليم ڪرڻ جي محمود اچڪزئي جي تجويز جي حمايت ڪئي وئي، ان تي محمود اچڪزئي چيو ته اسان سڀني کي پنهنجين غلطين تي توبه ڪرڻ گهرجي. ذريعن موجب مخالف ڌر جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بدران جماعت اسلامي ڪجهه نقطن تي محمود اچڪزئي جي حمايت جو فيصلو ڪيو ۽ ان حوالي سان لياقت بلوچ موقف اختيار ڪيو ته وڏيون پارٽيون حڪومت ۾ وڃڻ بعد مخالف ڌر جي دور ۾ ڪيل واعدا وساري ڇڏينديون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.