ملڪ ۾ سياسي جماعتن جو ڪردار

تحرير: علي محمد ميمڻ

اسان جي ملڪ جي حڪمرانن ۽ پردي جي پٺيان موجود اصل حاڪمن  ۽ انهن جي حاڪميت ۾ ٿيندڙ ڪمن، ڪاررستانين ۽ ڪارروائين بابت عوام جي مرڪزن، محفلن، دانشورن، ساڃهه وندن، قانوندانن جي مباحثن، ليکڪن ، صحافين ۽ درسگاهن ۾ ٿيندڙ سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ ٿيندڙ مذاڪرن ۾ هي بحث هلي رهيا آهن ته آخرڪار ملڪ ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ آهي ڇا اسان جون چونڊيل حڪومتون ۽ جماعتون ملڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن يا هو صرف شو پيس آهن ۽ ملڪ  ڪجهه لڪل قوتون اقتدار ۾ آهن ۽ سياسي قوتون يا حڪومت ۾ ويٺل جماعتون اقتدار اعليٰ ۽ ملڪ جي مالڪي ۾ ڪنهن حد تائين حصي پتي ۾ حصيدار آهن.

ظاهري طور تي ملڪ ۾ چونڊيل حڪومت آهي جنهن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سرواڻي ۾ اڪثريتي اتحادي حڪومت قائم آهي جنهن ۾ٻنهي وڏين جماعتن جا وزير اعظم. صدر مملڪت ۽ صوبن جون حڪومتون  ۽ صوبن جا گورنر پڻ موجود آهن ۽ ظاهري طور تي پنهنجو ڪم سرگرمي سان ڪري رهيون آهن. پر ڇا وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتون به چونڊيل قيادت ۽ سياسي حڪومتن جون آهن يا هو صرف چونڊ کاتن ۾ محدود حد تائين پابند آهن. اسان جي سامهون بحث هيٺ موضوع تمام سنجيده آهن ۽ پارليامينٽ جي ايوانن، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ مختلف ڪيسن تي ٿيندڙ ٻڌڻين ۾ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي اٿندڙ سوالن کان سواءِ ۽ مختلف آئيني فورمز ۽ سماجي ۽ سياسي فورمن تي اهڙا معاملا ۽ موضوع لڳاتار بحث هيٺ آهن ته آخرڪار ملڪ تي اصل حڪمراني ڪنهن جي آهي،ملڪ جي معاملن لاءِ اصل جوابدار ڪير آهن ۽ ملڪ کي هر دور ۾ لاڳو ٿيل بحرانن جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿي ٿئي ۽ آخرڪار اصل جوابدارن جي خبر پئجي سگهندي ۽ انهن جو احتساب به ٿي سگهندو يا جيڪي حڪومتن جا حصيدار  سامهون هوندا اهي ئي جوابدارقرارڏناويندا.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ وائلڊ لائيف بورڊ جي ڪيس جي  ٻڌڻي ۾ پنهنجي ريمارڪس ۾ چوڻ هو ته جنرلن ۽ بيوروڪريٽس ملڪ جو نظام سنڀالي ورتو آهي، اٽارني جنرل کي ڪجهه خبر ئي ناهي.سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته چيئرپرسن وائلڊ لائيف بورڊ کي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ جهنگلي جيوت کاتي کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته گهرو وزارت جو ڪم امن امان جو معاملو ڏسڻ آهي، قومي اثاثن جي حفاظت لاءِ عدالت جي حڪم جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي، حڪومتي قدمن ذريعي عدالتي فيصلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته جنرلن ۽ بيوروڪريٽس ملڪ جو نظام کنيو آهي، اٽارني جنرل صاحب توهان کي خبر ناهي ته ڪم ڪيئن هلي رهيا آهن. وڌيڪ ٻڌڻي دوران ڪابينا سيڪريٽري طرفان وزيراعظم کي صاحب سڏڻ تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته کيس وزيراعظم چيو وڃي يا شهباز شريف صاحب چئو؟ انگريزيءَ ۾ ”وزيراعظم“ کي پرائم منسٽر چوندا آهن، صاحب نه سڏيو ويندو آهي، غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙيو اهو وزيراعظم آهي صاحب ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ تازو وفاقي حڪومت جي هڪ کاتي وائلڊ لائيف بورڊ جي  ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٿيل گفتگو ۽ وفاقي حڪومت جي آئيني ۽ قانوني ماهر اٽارني جنرل جي گفتگو ۽ دليلن  جي وزير اعظم بابت ڪيل عاجزاڻي گفتگو مان پڻ اهو تاثر مليو ته ملڪ جي ايڏي وڏي مٿاهين سطح تي ويٺل عهديدارن جي ذهني حالت بلڪل عام ملازمن واري آهي هو پنهنجي صلاحيتن کي ملڪ ۽ ادارن لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ صرف نوڪري ڪرڻ ۽ رڳو وڏن صاحب کي راضي رکڻ لاءِ پنهنجي اهليت ۽ حيثيت پڻ وڃائي مٽيءَ ۾ ملائي رهيا آهن.

ملڪ  جي حساس اداري جو اهم عهديدار اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جنهن کي اڳوڻي وزير اعظم جي خاص طرفدار ۽ ان جي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي جوڙجڪ ڪندڙن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ان کي حساس ادارن طرفان گذريل ڏينهن   پنهنجي حراست ۾ وٺڻ واريون خبرون منظر عام تي آيون آهن

سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ فوجي اختيارين ان ڪيس ۾ جاچ جو حڪم ڏنو هو جنهن ۾ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو جنهن ۾ جنرل فيض مٿان غيرقانوني طور سندس رهائش گاهه تي ڇاپو هڻن ۽ قيمتي سامان ڦر ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو. درخواست ۾ الزام لڳايو ويو ته 12 مئي 2017 تي جنرل فيض جي چوڻ تي آءِ ايس آءِ اهلڪارن طرفان سٽي آفيس ۽ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، ڇاپي دوران آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن گهر مان سون، هيرا ۽ روڪ رقم سميت قيمتي شيون ڦر ڪيون ويون ۽ ان بعد ذاتي رابطا ڪري معاملو ٺاهڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي ويئي هئي.

ٻئي پاسي ميڊيا تي اهي تبصرا پڻ ٿي رهيا آهن ته جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪارروائي سان پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪ فوج فيصلو ڪري ورتو آهي ته اهي سڀ ماڻهو جيڪي پي ٽي آءِ جي دور ۾ عمران خان جا ويجها سمجهيا ويندا هئا انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ۾ نرمي جو مظاهرو نه ڪيو ويندو ياد رهي ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حڪومت جي حوالي سان اهي خبرون پڻ منظر عام تي اينديون رهيون هيون ته،  پي ٽي آءِ فوج جو سربراهه پڻ  پنهنجو ڪارساز آڻڻ لاءِ تمام وڏي پيماني تي انتظام ڪري ڇڏيا هئا پر اهو وقت اچڻ کان اڳ ئي مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحاد طرفان قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪر ڇڏي هئي. ان جي باوجود اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ بجاءِ ڪارروائي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ وزير اعظم طرفان قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وزير اعظم طرفان اهڙو حڪم نامو تنهن وقت جي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کي موڪليو ويو جنهن پڻ ان تي ساڳي ريت عملدرآمدڪندي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو اعلان ۽ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي وزير اعظم ۽ صدر جي حڪم نامي کي آئين جي خلاف قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت، قومي اسيمبلي وري بحال ٿي وئي ۽ ان پنهنجي رهيل ڪارروائي مڪمل ڪري وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ اڪثريت سان منظور ڪري ورتي . اهڙي ريت ملڪ هڪ وڏي آئيني بحران کان بچي ويو ۽ مخالف ڌر جي ڪامياب ٿيل جماعتن جي اتحاد جي اڪثريت طرفان اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف کي وزير اعظم لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو ويو ۽ ان بعد قومي اسيمبلي ۾ کيس اڪثريت جي حمايت پڻ حاصل ٿي وئي ۽ هو وزير اعظم چونڊيو ويو ۽ اها حڪومت ڏيڍ سال هلي پنهنجو رهيل مدو پورو ڪيو .

فيبروري 2024ع ۾ ملڪ ۾ ٿيل چونڊن ۾ پڻ ساڳي اتحادين اڪثريت حاصل ڪئي ۽ هن وقت پڻ انهن جي ٻئي مدت جي حڪومت هلي رهي آهي پر حڪمرانن وٽ اقتدار ۽ اختيار ڪيترا آهن اهي پنهنجي جاءِ تي اڄ جي موضوع ۽ مضمون جا اهم سوال پڻ آهن. ٻئي پاسي، ملڪ جي مختلف آئيني ادارن ۾ نظر ايندڙ ڇڪتاڻ ۽ هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڪرڻ وارا معاملا پڻ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهن جنهن ۾ پارليامينٽ کي سپريم ۽ آئين کي بالادست مڃڻ وارا معاملا پڻ اڃا تائين تڪراري بڻيل آهن. ان کان سواءِ  ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ ووٽن جو چوري ٿيڻ ۽ چونڊون کٽيندڙ ڌرين کي هارائڻ ۽ شڪست کائيندڙ ڌرين کي ڪامياب قرار ڏياري ملڪ جو اقتدار ۽ حڪومتون  انهن حوالي  ڪرڻ وارا ڏوهه اسان جي ملڪ ۾ ايترا ته گهڻا ٿيا آهن جو هاڻي عوام جو ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن تان ذري گهٽ ويساهه ئي ختم ٿي ويو آهي. جنرل ضياءَ الحق طرفان وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ مارشل لا  لڳائي 11 سال حڪومت ڪرڻ ان بعد به چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي  جي ڪاميابي کي شڪست ۾ بدلائڻ ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي وزيراعظم ٿيڻ کان روڪڻ، ان بعد وري جنرل پرويز مشرف واري دور ۾ ملڪ ۾سياست تي ئي پابندي لاڳو ڪري ملڪ تي 9 سال پاڻ حڪمراني ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ لڳاتار 4 سياسي حڪومتن 2 ڀيرا پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ 2 ڀيرا مسلم ليگ ن جي حڪومتن جي خاتمي وارا اهڙا وڏا واقعا آهن جنهن سان ملڪ لڳاتار وڏن سانحن، حادثن ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ٿيندو رهيو ۽ صرف قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي پنج سال حڪومت بعد ملڪ ۾ وري ڪڏهن به مضبوط سياسي حڪومت اڄ ڏينهن تائين اقتدار ۾ اچي نه سگهي آهي. تنهن هوندي به بهتر ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ سويلين حڪومتون گذريل 2007ع کان وٺي لڳاتار هلي رهيون آهن ۽ عوام ۽ عوامي ادارن کي آزادي ۽ واڌ ويجهه جا موقعا ضرور حاصل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.