حصو پهريون
مما، ڇا ھوا به قيد ھوندي آھي ڇا ھوا کي پوليس پڪڙي ويندي آهي. ننڍڙو علي پنھنجي ماءُ کان اھي سوال ڪندي وڏي تجسس ۾ ھو ته الائي مما ڪھڙو جواب ڏيندي.
ھا علي ھوا قيد ۽ آزاد به ھوندي آھي پر تون اھڙو سوال ڇو پيو پڇين ؟
مما، اڄ اسڪول ۾ ٽيچر ۱۴ آگسٽ جي حوالي سان اسان کي ليڪچر ڏنو جنھن ۾ ھن ٻڌايو ته اسان آزاد ھوا ۾ ساهه کڻون پيا ڇو ته اسان ھڪ آزاد ملڪ جي قوم آھيون.
گڊ اھو ته اوھان جي ٽيچر اوھان کي صحيح ٻڌايو. علي جي ماءُ ٽيچر کي ساراهيو.
پر مما مون کي اڃان به ڳالهھ سمجھه ۾ نه آئي. اسان جي ھوا آزاد ڪئين آهي ڇا ھوا کي زنجيرون پاتل ھونديون آھن ڇا جيڪي ملڪ آزاد ناھن ھوندا انھن جي ھوا زنجيرن ۾ ھوندي آھي. ؟
پٽ اھو سوال تون پنهنجي ٽيچر کان به پڇي پيو سگھين.
مما مون پڇڻ چاھيو پر ايتري ۾ رسيس ٿي وئي ۽ پوءِ ٻي ٽيچر اچي وئي.
پٽ آئون توکي ٻڌايان ٿي ته ھوا ڪئين آزاد ھوندي آھي.
فون جي گھنٽي تي علي جي ماءُ فون طرف وڃڻ لڳي پٽ فون تي ڳالهائي پوءِ توکي سمجهايان ٿي.
ڇا ھي ڇا ٿي ويو نه مٺي تون پريشان نه ٿي آئون پنھنجي ڪزن سان ڳالهايان ٿي جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ئي پوليس ۾ سٺي پوسٽ تي ڀرتي ٿيو آهي تون پريشان نه ٿي. ائين چئي ھن فون رکيو ۽ ڊائريءَ ۾ پنهنجي ڪزن جو نمبر ڳولڻ لڳي .
مما ڇا ٿيو آهي توهان پريشان ڇو آھيو.؟
علي فضا آنٽي جي ڌيءَ آئس ڪريم وٺڻ لاءِ گھر کان ٻاھر نڪتي پر پوءِ موٽي ڪونه آئي شڪ آھي ته ھن کي ڪنهن اغوا ڪري ڇڏيو آھي.
ائين چئي علي جي ماءُ سندس ماسات رضا کي فون ملائڻ لڳي
ھيلو رضا آئون صنوبر ٿي ڳالهايان .
جي ادي ڪئين آهيو توهان
رضا آئون ته ٺيڪ آهيان پر منھنجي ساهيڙي فضا جي ڌي لاپتا آھي صبح کان. ھو توڏي ايندي پنھنجي مڙس سان گڏ، ھن جي ان سلسلي ۾ مدد ڪجان تمام گھڻي پريشان آھي مون ھن کي تنھنجو نمبر به ڏئي ڇڏيو آهي.
مما، پوليس جو ڪم مدد ڪرڻ ھوندو آھي نه.
ھا پٽ بلڪل .
پوءِ مما اوھان رضا انڪل کي مدد لاءِ ڇو چيو.
پٽ چوڻ ضروري ھوندو آھي.
ھيلو فضا مون رضا سان ڳالهائي ڇڏيو آهي توکي ھن جو نمبر به ڏيان ٿي تون ھن سان ڳالهائي ڇڏ.
ٿينڪ يو صنوبر يو آر گريٽ
چري آھين ڇا اسان پاڻ ۾ فرينڊز آھيون يار
صنوبر فون رکي علي ڏانھن ڏسڻ لڳي .
علي تون ڪھڙين سوچن ۾ پيو آھين.
مما سوچان پيو ته جيڪڏھن رضا انڪل پوليس ۾ نه ھجي ھا ته پوءِ فضا آنٽي جي ڌيءَ کي ڪير ڳولي ھا.
پوءِ به پوليس ئي ڳولي ھا علي.
پر مما اوھان چيو ته چوڻ ضروري ھوندو آھي پوءِ اوھان ڪنھن کي چئو ھا.
علي توهان اڃا ننڊا آھيو جڏھن وڏا ٿيندا پوءِ اھا ڳالهه سمجھه ۾ ايندي.
ھاڻي اچو ته لنچ ڪري وٺون پوءِ اوھان کي ٽيوشن به وڃڻو آھي.
لنچ دوران علي ٻيھر پڇڻ لڳو ته مما ھوا ڪيئن آزاد ھوندي آھي.
ھا علي ھاڻي توکي ٻڌايان ٿي ته ھوا ڪئين آزاد ھوندي آھي.
ڏس علي اسان ھڪ آزاد ملڪ ۾ رھون ٿا ان کان اڳ اسان جو ملڪ آزاد ڪونه ھو اسان انگريزن جي غلامي ۾ زندگي گهاري رھيا ھئاسين پر پوءِ اسان جي وڏن اسان کي وڏين قربانين کان پوءِ ھڪ آزاد سلطنت جو تحفو ڏنو. اڄ اسان پنھجي ملڪ ۾ سڪون ۽ آزادي سان زندگي گذاريون پيا ڪنھن قسم جو خوف ۽ ڊپ ڪونھي. پر مما ھوا ڪئين آزاد آهي ؟
علي پنھنجي سوال ڏانھن واپس اچي ويو .
علي جڏھن اسان ساهه کڻندا آھيون ته اسان کي محسوس ٿيندو آھي ته ھي جيڪا ھوا آھي ھي منھنجي ملڪ جي ھوا آھي ۽ ھن ملڪ ۾ آئون آزاد آھيان ان ڪري ھن ھوا کي آزاد چيو ويندو آهي ڇو ته ھي آزاد ملڪ جي ھوا آھي.
اڇا مما، ٿينڪ يو اوھان مون کي سٺي سمجھاڻي ڏني آهي.
ايتري ۾ دروازي جي بيل ڊور وڄي علي دروازو کولي خوشي سان پنھنجي پيءُ کي ڀاڪر پائي مليو. ۽ پوءِ پنھنجي ڪمري ڏانھن ھليو ويو.
پرويز چھري مان ٿڪل ٿڪل پئي لڳو ويھندي ئي صنوبر کان پاڻي گهريائين.
ٿڪل ٿڪل ٿا لڳو طبعيت ته صحيح آهي نه
ھا طبيعت صحيح آهي بس اداس آھيان.
ڇو خير ته آهي ڇا ٿيو آهي.
منھنجو دوست اڪرم جيڪو ڪجهه عرصو اڳ کنڀجي ويو ھو اڄ ان جو لاش مليو آهي. الاھي سمجهائيندو هيو مانس ته يار ڇڏ انھن ڳالهين کي پر ھن منهنجي ھڪ نه ٻڌي. اڄ پنھنجي ٻارن کي يتيم ڪري ويو.
او نو ھي ته غلط ٿيو صنوبر کي به تمام گھڻو ڏک پھتو.
مما انڪل اڪرم کي ڪنهن ماري ڇڏيو؟
پٽ توهان ته اندر ھيا ڪمري ۾ اوهان ھي ڳالهه ڪئين ٻڌي .
بابا مان پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاھر نڪتم ته اوھان جي ڳالهه ٻڌي ورتي.
پٽ ڪجهه به نه ٿيو آھي اوھان ڇڏيو ھن ڳالهه کي.
توهان پنھنجي ڪمري ۾ وڃي اسٽڊي ڪيو.
او ڪي بابا
صبح ناشتي جي ٽيبل تي فيملي ٽي وي ڏسي رھي ھئي.
ڪجهه شرپسندن سکر ۾ موجود ھڪ مندر کي باھ ڏئي ڇڏي، شھر ۾ ڏک ۽ غم جي لھر ڊوڙي وئي. نيوز ڪاسٽر اڄ پريس ڪلب آڏو سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ پر امن احتجاج ڪيو ويندو. نيوز ڪاسٽراو ماءِ گاڊ، ھي ڇا ٿي رھيو آھي. اسان جي ملڪ ۾ پرويز ڏک مان ھڪ وڏو ساھ کنيو. الله سائين ننڍڙي پريا کي به ظالمن مان جان ڇڏائي.
علي اها خبر ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ پيءُ کان پڇڻ لڳو ته بابا ھي ڪير ماڻھو آھن جيڪي اھڙو ڪم ڪن ٿا. ۽ بابا اها پريا ڪير آهي ؟
پٽ ھي ماڻھو سٺا ناھي ھوندا جيڪي ٻين جي مذھب جو احترام ناھي ڪندا اسان کي سڀني مذھبن جو احترام ڪرڻ گھرجي.
پريا سنڌ جي نياڻي آهي ھو ڪجهه سال اڳ محرم جي ڏهاڙن ۾ امامن جي سبيل ورهائڻ ۾ رڌل ھئي ۽ اغوا ٿي وئي.اڄ تائين ان جو ڪو پتو ڪونھي.
بابا پوءِ هن جا parents ته الاھي پريشان ھوندا.
بلڪل علي پريشان ڪئين نه ھوندا.
علي توهان جي اسڪول جي وين اچي وئي آھي جلدي ناشتو ڪري وٺو.
علي جي اسڪول وڃڻ کان پوءِ پرويز به آفيس لاءِ روانو ٿيو ۽ صنوبر گھر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وئي. صنوبر ماسي کان گھر جي صفائي ڪرائي ڏينھن جي ماني جي تياري ڪرڻ لڳي ته ايتري ۾ اسڪول مان فون آيس ته اڄ علي کي اسڪول مان جلدي گھر وٺي وڃو ڇو ته ھڪ مذھبي جماعت ھڙتال جي ڪال ڏني آهي ڇو ته اڄ صبح جو هڪ مذھبي اسڪالر کي قتل ڪيو ويو آهي.
صنوبر تڪڙ مان گاڏي ڪڍي علي جي اسڪول رواني ٿي.
ذھن ۾ علي جو سوال گونجڻ لڳس ته "مما آزاد ھوا ڇا ھوندي آھي.” اسڪول جي گيٽ تي رش لڳي پئي هئي سڀ مائٽ پريشاني جي عالم ۾ ھيا ڪير پنھنجي آفيس مان تڪڙي موڪل وٺي نڪتا ھيا ته ڪي وري دڪان بند ڪري پنھنجي ٻار اسڪول مان کڻڻ آيا ھيا. صنوبر سوچڻ لڳي ته ھي به ڪھڙو ملڪ آھي جتي اوچتو ڪجهه به ٿيو وڃي. ھن کي علي جي سوالن جي به ڳڻتي ھئي ڇو ته علي ھڪ ذھين ۽ سمجھدار ڇوڪرو ھيو ھن جا سوال ڪڏھن ڪڏھن صنوبر کي منجھائي ڇڏيندا ھئا.
علي کي گاڏي ۾ ويھاري ھن جئين گاڏي اسٽارٽ ڪئي ايتري ۾ ماڻھو وڏي تعداد بينرز کڻي نڪتا ۽ سڄي روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيائون. ٽريفڪ جام ٿي وئي تقريبن ڪلاڪ کن اھا صورتحال رھي پوءِ وڃي روڊ کليو. جيئن روڊ کليو صنوبر تيزي سان گاڏي ھلائي گھر ڏانهن رواني ٿي.(هلندڙ)
علي سڄو رستو مختلف سوال پڇندو رھيو جنھن ته صنوبر اھو چئي چپ ڪرائي ڇڏيس ته ھن وقت آئون اسٽريس ۾ آھيان جواب نٿي ڏئي سگھان.
گھر پھچي ھن پرويز کي فون ڪري خيريت پڇا ڪئي ۽ گھر جلدي اچڻ جي تاڪيد به ڪيس.