ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ قبرستان مان عورت جي ميت ڪڍي بي حرمتي ڪندڙ جوابدار سليم کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ ميت جي وارث درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته ماءُ جي قبر تي ويس ته ڪافي ماڻهو هڪ جوابدار تي تشدد ڪري رهيا هئا، جڏهن پهتس تي معاملي جي خبر پئي.
-
جشن آزادي تي توتڻيون وڄائڻ تي پابندي، سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ صوبي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي سڪيورٽي انتظامن بابت اجلاس ۾ جشن آزادي جي موقعي تي هوائي فائرنگ جي روڪٿام ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جيز، اسٽيبلشمينٽ/ هيڊ ڪوارٽرز، ايس اينڊ اي ايس ڊي، سي آءِ اي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ سکر پوليس آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ کنيل قدمن ۽ حڪمت عملين تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ مزار قائد تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ، پريشر هارن ۽ لائوڊ وڄائندڙن، بنا سائلنسر جي موٽرسائيڪلن جي مالڪن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي
-
لي مارڪيٽ مان بسن جو اڏو ختم ڪرائڻ بابت ٻڌڻي، ماسٽر پلان کاتي کان رپورٽ طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پاران لي مارڪيٽ لياري ۾ بسن جو اڏو ختم ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ماسٽر پلان کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي گڏوگڏ ڪي ايم سي ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن، درخواستگذار ٽرانسپوٽر ظفر علي قريشي جو چوڻ آهي ته هي بس اڏو پاڪستان ٺاهڻ کان اڳ 1937ع ۾ به موجود هو، هي جگهه به ڪمرشل نه آهي، هتان گڊاپ، سجاول ۽ ٺٽي جي علائقي ۾ بس ويندي آهي، غريب عوام سفر ڪندي آهي.
-
قاتل شيخ حسينه تي ڪيس داخل ڪري سزا ڏيو: ڍاڪا ۾ شاگردن جي ريلي
ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن اڳوڻي وزيراعظم ۽ ڀارت فرار ٿيل شيخ حسينه واجد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.بنگلاديشي ميڊيا موجب ڍاڪا يونيورسٽي جي مختلف هالن مان شاگرد هڪ جلوس جي صورت ۾ راجو جي مجسمي هيٺ گڏ ٿيا ۽ ان دوران نعرا هنيا ته ”اسان انصاف چاهيون ٿا، قاتل شيخ حسينه کي سزا ملڻ گهرجي“.شاگردن اهو پڻ چيو ته ڪيمپس ۾ ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪئي ويندي.ڍاڪا يونيورسٽي ڪيمپس ۾ اينٽي ڊسڪريمينيشن اسٽوڊنٽس موومينٽ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شاگردن مطالبو ڪيو ته تعليمي ادارن ۾ سياست تي پابندي لڳائي وڃي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.