حڪومت جو اهم فيصلو، پاسپورٽ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عوام جي سهولت لاءِ پاسپورٽ رولز ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب پاسپورٽ رولز ۾ نئين ترميم کانپوءِ شهري هاڻ پاسپورٽ ڪنهن به شهر مان ٺهرائي سگهندا ۽ ترميم کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ جيان پاسپورٽ ٺاهي سگهبو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ قومي بئنڪ جي ڪنهن به شاخ ۾ پاسپورٽ فيس جمع ڪرائي سگهبي.
ذريعن موجب رولز ۾ ترميم جي سمري گهرو وزارت ڪابينا کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پاسپورٽ رولز ۾ ترميم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.