اسلام آباد(عمران شفقت)پاڪستان جو سياسي منظرنامو تبديل ٿيڻ جو امڪان،پراجيڪٽ عمران کي ختم ڪرڻ جو بنياد پئجي ويو، ٽاپ سٽي ڪيس ته بهانو آهي فيض حميد جا اصل ڏوهه ته تمام وڏا آهن،پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي اڳواڻن،رئوف حسن،وقاص جنجوعه جي گرفتاري کانپوءِ جاچ ۾ جيڪا ڊيٽا ملي ان مطابق فيض حميد مختلف فون نمبرن ذريعي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان رابطي ۾ هو،انهن سان ملاقاتون ڪندو هو،هو کين رڳو ڏيڍ منٽ جي واٽس ايپ ڪال ڪندو هو،ذريعن موجب فيض حميد کي 23 جولاءِ کانپوءِ جلد ئي گرفتار ڪيو ويو هو،9 مئي کان پنج ڏينهن اڳ فيض حميد ڇا ڪري رهيو هو؟ ڪنهن سان رابطن ۾ هو؟ ذريعن موجب فيض حميد ٽاپ سٽي ڪيس ۾ ڦاسجڻ کانپوءِ ڪنهن وچين شخصيت ذريعي پاڪستان جي ”طاقتور شخصيت“ سان به ملاقات ڪري وضاحتون ڏنيون هيون،اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جڏهن جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻايو ويو ته جنرل فيض حميد ۽ جنرل اظهر هن کان جونيئر هئڻ باوجود استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، حالانڪه استعيفيٰ ته سينئر آفيسر ڏيندا آهن،ان جو مطلب ته انهن ڪجهه غلط ڪيو هوندو،وقاص جنجوعه ۽ رئوف حسن جي گرفتارين کانپوءِ ئي عمران خان اسٽيبلشمينٽ ڏانهن صلح جا پيغام اماڻيا هئا ڇو ته عمران کي خبر پئجي وئي هئي ته هاڻي فيض حميد جو ڪم به لهي ويو آهي ۽ مان به وڌيڪ ڏچي ۾ پئجي ويندس،ذريعن موجب شهيد صحافي ارشد شريف جي معاملي ۾ به جنرل فيض جو هٿ هو،جنرل(ر)هارون اسلم،جنرل(ر)طارق،جنرل (ر)ياسين ۽ هڪ برگيڊيئر (ر) جاويد اڪرم فيض حميد جا 9 مئي ۽ ارشد شريف ڪيس ۾ معاون ۽ مددگار هئا.