مستونگ ۾ فائرنگ، ڊپٽي ڪمشنر پنجگور شهيد

ڪوئٽا (م ڊ) بلوچستان مستونگ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر بلوچ شهيد ٿي ويو. ليويز اختيارين  موجب، فائرنگ جو واقعو ڳڙڪوچا ۾ پيش آيو، ، جتي اڻڄاتل ماڻهن ڊپٽي ڪمشنر پنجگور جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر بلوچ ۽ ضلعي ڪائونسل پنجگور جو چيئرمين عبدالمالڪ بلوچ زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پنجگور جو چيئرمين عبدالمالڪ بلوچ ميمبر صوبائي اسيمبلي بلوچستان رحمت صالح بلوچ جو ڀاءُ آهي،نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هٿ سان حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، وزيراعظم به واقعي جو نوٽيس ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.