اليڪشن ڪميشن عزت جوڳي، ڪجهه جج توهين وارا ريمارڪس ڏين ٿا\چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته چيئرمين اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبر عزت  جا حقدار آهن پر بدقسمتي سان ڪجهه جج توهين آميز ريمارڪس ڏين ٿا. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ پنجاب جي قومي اسيمبلي جي 3 تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ واري معاملي تي تفصيلي   اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، اليڪشن ڪميشن جا چيئرمين ۽ ميمبر عزت جا حقدار آهن، پر بدقسمتي سان ڪجهه جج ان نقطي کي نظر انداز ڪري تبصرو ڪن ٿا. اڪثريتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هر آئيني ادارو ۽ آئيني آفيسر احترام جو مستحق آهي، اداري جي ساک تڏهن وڌي ٿي جڏهن اهو احترام جي دائري ۾ رهي پنهنجو فرض سرانجام ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.