واشنگٽن (م ڊ) شيخ حسينا واجد جي پٽ سجيب واجد هڪ انٽرويو ۾ ماءُ جي جان بچائڻ تي ڀارت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته بنگلاديش ۾ هاڻي هجوم جي حڪمراني آهي، هجوم چوندو ته چيف جسٽس، گورنر، پوليس چيف کي هٽايو ته عبوري حڪومت کي ائين ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن چونڊن ۾ دير ٿي ته خطرا ٿي سگهن ٿا. هن خدشو ظاهر ڪيو ته چونڊون بهترين مفاد ۾ آهن ته جيئن جائز حڪومت ٻيهر اچي ٻي صورت ۾ رڳو ڏڦيڙ پيدا ٿيندو. هن چيو ته عوامي ليگ کانسواءِ بنگلاديش ۾ جمهوريت قائم نٿي ٿي سگهي، هن نظام کي اڌ عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. بي اين پي ۽ عوامي ليگ وچ ۾ مقابلو ٿيڻو آهي، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن الزام هنيو ته اڻڄاتل قوتن مظاهرين جي مدد ڪئي، ذميوار ماءُ کي قرار ڏنو ويو.