جسٽس عقيل عباسي جا رهيل ڪم پورا ڪندس: جسٽس شفيع صديقي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ وڻڪاري مهم جي مناسبت سان تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد شفيع صديقي، سينيئر جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس اقبال ڪلهوڙو، جسٽس محمد جنيد غفار، جسٽس ذوالفقار احمد خان، جسٽس عمر سيال ايڊووڪجيٽ ريحان عزيز ملڪ، سرفراز ڪلهوڙو، صدر ڪراچي بار عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين وڪيل اڳوڻن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳائي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس محمد شيفع صديقي چيو ته سنڌ بار ۾ مون کي 20 سال گذري ويا آهن، هن چيو ته جسٽس عقيل عباسي ٿورڙو عرصو رهيو هن جا جيڪي ڪم رهيل آهن انهن کي پورو ڪندس، چيف جسٽس چيو ته  ماتحت  عدالتن ۾ ججز جي کوٽ کي پورو ڪنداسين، مان واعدو ڪيان ٿو ته مون کان هن اداري لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو اهو ڪندس، اسان پراڻين عمارتن کي نئي سر ٺاهينداسين عمارتن جو رهيل ڪم مڪمل ڪرائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.