ڪارونجهر جو هڪ به پٿر ڪٽيو ويو ته دھشتگردي جو ڪيس داخل ٿيندو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ميرپورخاص/ مٺي(نمائندا)ڪارونجهر جو هڪ به پٿر ڪٽيو ويو ته دھشت گردي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بينچ جو حڪم، گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي معاملي بابت اهم ٻُڌڻي ٿي، ٻُڌڻي دوران عدالت ڪارونجهر بابت اهم حڪم جاري ڪيا آهن، عدالت ڪارونجهر جبل جي  ڪٽائي بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد ڪري ڇڏيا، ثقافت کاتي کي هيريٽيج وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان وڪيل شنڪر ميگھواڙ جو چوڻ آهي ته عدالت ٻڌڻي دوران ڪارونجهر ۽ ان جي آسپاس سموريون ٽڪريون ھيريٽيج سائيٽ قرار ڏئي ڪورٽ ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته ٻڌڻي دوران لاڳاپيل کاتن جا عملدار پهتا، سخت آرڊر جاري ڪيو ويو آهي، وڪيل شنڪر ميگهواڙ ٻڌايو ته عدالت سنڌ سرڪار کي واضح حڪم ڏنو آهي ته ڪارونجهر جو هڪ پٿر به ڪٽيو ويو ته اهڙو عمل ڪندڙن تي دھشت گردي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي خاطري ڪرائي ته ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏيڻ بابت ڪميٽي جوڙي آهي ۽ ڪم جاري آهي، جلد نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالت کي سيڪريٽري ثقافت آگاهي ڏني ته ڪميٽي ۾ ڪليم لاشاري، انيلا نعيم، الطاف اثيم، محمد علي مانجھي، نديم احمد خان ۽ سهيل ڪلهوڙو کي شامل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.