بلوچستان ۽ سنڌ جا وڏا وزير هٽائڻ جو فيصلو، بلاول نائب وزيراعظم بڻجندو؟

لاهور(معظم فخر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ عدليه خلاف تقرير ”وڻي “ وئي، کيس اهم ذميواري ملڻ جو امڪان،ٻه وڏا وزير هٽائڻ جو فيصلو،ايندڙ ڏينهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري قومي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو،معاملن ۾ پ پ جو رول به وڌڻ لڳو،بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي سڀ کان پهرين تبديلي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي،اسٽيبلشمينٽ سان سمورين قربتن ۽ آشيرواد باوجود سرفراز بگٽي ماه رنگ بلوچ جي سياسي جدوجهد جو ٽوڙ ڪڍڻ ۽ هن کي سياسي طور انگيج ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿيو آهي ان کان علاوه هو بلوچستان ۾ حڪمران اتحاد ۾ اختلاف به ختم نه ڪرائي سگهيو،تازو بلاول جي ڪوئيٽا دوري دوران هن کيس شڪايت ڪئي ته پ پ بلوچستان جا اڳواڻ هن جي رستي ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪري رهيا آهن،ان ڪري هو استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿي وئي آهي،بلاول پ پ بلوچستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا هئا، ان صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ سرفراز بگٽي سان فاصلا ڪري رهي آهي،جڏهن ته سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي به تبديل ڪيو پيو وڃي، هن جي جاءِ تي ن ليگ جي بشير ميمڻ کي گورنر لڳايو ويندو،سنڌ ۾ پ پ جي قيادت جيڪا ڪابينا ۾ به موجود آهي، اها ٽيون ڀيرو وڏ وزارت ماڻيندڙ مراد علي شاهه تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهي آهي، تازو صوبائي وزير ناصر شاهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي،جنهن ۾ ناصر شاهه صدر کي ٻڌايو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي،مراد علي شاهه کي وڏي وزير طور جاري رکڻ پ پ لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيندو،نثار کهڙو، سراج دراني ۽ خورشيد شاهه مراد علي شاهه سان اختلاف رکن ٿا تنهن ڪري وڏي وزير کي تبديل ڪيو وڃي،ٻڌايو پيو وڃي ته نئين وڏي وزير  لاءِ شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه جا نالا غور هيٺ آهن،ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ۾ تبديلي جو امڪان آهي ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ وارو آهي، اسحاق ڊار کي هٽائي کيس پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم جو عهدو ڏنو ويندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 13 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.