لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ قانوني مونجهارو ناهي جو مداخلت ڪئي وڃي: جسٽس عقيل جو اختلافي نوٽ

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن بابت سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ 2، هڪ جي اڪثريت سان لاهور هاءِ ڪورٽ  جو آزاد اميدوارن جي ڪاميابي وارو حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏنو. چيف  جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ عبدالرحمان ڪانجو، ذوالفقار احمد ۽ اظهر قيوم ناهرا جي قومي سيمبلي جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي اڪثريت سان فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جنهن جو احترام ڪرڻ گهرجي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ  جي ججز ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن بابت کل جوڳا جملا استعمال ڪيا. جسٽس عقيل احمد عباسي ڪيس ۾ اختلافي نوٽ لکيو ۽ چيو ته چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار ختم ٿي ويندو آهي، آئين موجب چونڊ تڪرارن تي اليڪشن ٽربيونل سان ئي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اختلافي نوٽ ۾ فاضل جج لکيو ته اليڪشن ڪميشن جو چونڊ تڪرار تي ڏنل حڪم ان جي اختيارن جي دائري کي اورانگهڻ آهي، ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪرڻ جو اختيار ختم ڪرڻ سان چونڊ عمل تڪراري ٿيندو. جسٽس عقيل احمد عباسي جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ اپيل دوران چونڊ تڪرار تي فيصلو نٿو ڏئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ آئيني ۽ قانوني مونجهارو ناهي جو مداخلت ڪئي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.