فاطمه ڦرڙو ڪيس،5 گواهه ڏنل بيانن تان ڦري ويا، دهشتگردي جا قلم ختم

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ڪيل فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي خيرپور جي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي گذري. ان موقعي تي ڪيس جي گواھن اُجالا ڦرڙو، نسيم ڦرڙو، صغير ڦرڙو، سانيا ڦرڙو ۽ حسن ڦرڙو پنھنجا بيان تبديل ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ ڪيس جي فريادين جا بيان نه ٿي سگھيا، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محبوب علي جواهري فاطمه ڦرڙو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت کان سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ ٻڌڻي  سيشن ڪورٽ خيرپور جي عدالت ۾ ٿيندي. ان موقعي تي فاطمه ڦڙرو جي والدين عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدالت مٿان حڪومتي دٻاءُ آھي جنھن ڪري ڪيس کي سيشن ڪورٽ جي عدالت منتقل ڪيو ويو آھي، واقعي جي مک گواهه زرينا ۽ ھڪ جانوري برادري جي ناري کي پيرن طرفان لڪايو ويو آھي، خدشو آھي پيرن ٻنھي نينگرين کي ماري ڇڏيو آھي، هوڏانهن دھشتگردي جي انت واري عدالت پاران ڪيس کي سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ واري فيصلي بعد فاطمه جي والده شبنم ڦرڙو پاران پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي فاطمه جي والده شبنم ڦرڙو عدالتي فيصلي خلاف پوليس جي گاڏين آڏو ليٽي پئي سندس چوڻ هيو ته ڪيس جو زور ٽٽڻ بعد اسان کي پير قتل ڪرائي ڇڏيندا، بھتر آھي ته اسان پاڻ کي ماري ڇڏيون، عدالت اسان جا بيان ئي ناھن ورتا، گواھن جي چوڻ تي ڪيس کي منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.