بشير ميمڻ جا اختلاف فريال ٽالپر سان هئا،گورنر بڻجڻ تي اسان کي اعتراض ناھي: مخدوم جميل

مٽياري ( ن ع آ )  سروري جماعت جي روحاني پيشوا  ايم اين اي مٽياري مخدوم جميل الزمان جو چوڻ ھو ته وفاقي حڪومت مان اسان  کي ڪو فائدو نظر نه پيو اچي گذريل ڏينھن به وزيراعظم صاحب اقليتي برادري سان خصوصي ڏينھن ملھايو پر سنڌ جا اقليتي ماڻھو ھجرت ڪري رھيا آھن اھي سنڌ ڇڏي رھيا آھن،  ان ڪري چوان ٿو ته وفاقي حڪومت مان سنڌ کي فائدو ناھي،  ھڪ سوال جي جواب ۾ مخدوم جميل الزمان جو چوڻ ھو ته بشير ميمڻ کي گورنر ڪيو ٿو وڃي ته  اسان کي ڪو اعتراض ناھي، بشير ميمڻ جا اختلاف فريال ٽالپر سان ھئا اسان سان بشير ميمڻ جو ڪو مسئلو ناھي،  اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو ھن جو چوڻ ھو ته اسان جي قائد محترم بينظير ڀٽو،  بيگم نصرت ڀُٽو کي گھٽ وڌ ڳالھايو ھو اھي اڄ اسان سان گڏ ويٺا آھن ۽  اسان جا وزير آھن،  باقي بشير ميمڻ ته اھڙو ڪجھه نه ڪيو آھي باقي بشير ميمڻ جي گورنر مقرري سان ايم ڪيو ايم ناراض ٿئي ته وفاقي حڪومت کي نقصان ٿيندو ڇو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي آھي مخدوم جميل الزمان جو چوڻ ھو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ لاءِ  گھڻو ڪجهھ ڪرڻ جي ضرورت آھي ھن چيو ته مٽياري جي چونڊيل نمائندن کي چيو ته اھي رين ايمرجنسي ۾ پنھنجن يوسين ۾ رھن عوام جي سار سنڀال لھن ان کان پوءِ  ايم اين اي مٽياري مخدوم جميل الزمان لطيف ھال مٽياري ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪئي ان موقعي تي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري مخدوم احمدالزمان . سيد ممتاز شاهه، حاجي شھزاد ميمڻ . مخدوم عمار حيدر ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر علي شاھ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.