دادو ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

دادو(ن ع آ )  ڪجهه عرصي کان دادو تعلقي جي ڪچي واري علائقي ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهي جنهن جي  نتيجي ۾ هڪ ڌر حملو ڪري پنهنجي مخالف ڌر جي 2 ڄڻن کي گولين جو کاڄ بڻايو، جنهن سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ رٽائرڊ پوليس اهلڪار مظهر علي شاهاڻي طور ٿي آهي جڏهن ته هڪ زخمي جي سڃاڻپ محمد نواز شاهاڻي طور ٿي آهي، فوتي ۽ زخمي کي سول اسپتال دادو آندو ويو، جتان مارجي ويل شخص جو اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.  واضع رهي ته مظهر علي شاهاڻي ۽ عطا محمد شاهاڻي وچ ۾ ڪجهه عرصي کان تڪرار شروع ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين کي جاني نقصان پڻ پهتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.