ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال پيپلزپارٽي کي پارٽنرشپ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ آهي ته پ پ کين دشمن نه سمجهي هو پارٽنر بڻجي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت ۾ حصو نه هجڻ جي باوجود هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي سڄي ملڪ کي معاشي قرضن کان آزاد ڪرائي سگهي ٿو، ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ ڪراچي جي گٽر ۾ ٻار مري رهيا آهن، اقتدارين کي ڌيان ڏيارڻ چاهيون ٿا ته هتي ڪوٽا سسٽم باوجود شهر جي ٻارن کي نوڪريون نٿيون ملن، پاڻي نيڪال جا مسئلا حل ڪيا وڃن.