کٿڙ/سيري(رپورٽ: ناصر علي/ ڪرشن راٺوڙ) کٿڙ لڳ سيري ڀرسان 9 ورهين جي معصوم نينگر طاھر ملاح کي راند کيڏندي بيدردي سان قتل ڪندڙ مک جوابدار آغا زبير پٺاڻ گرفتار ٿي ويو آهي، سيري چيڪ پوسٽ جي انچارج سب انسپيڪٽر ارسلان لطيف چنا جي سربراهي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. 3 آگسٽ تي سيري چيڪ پوسٽ جي حد ۾ انصاري فارم وٽ معصوم نينگر طاھر جي بي رحماڻي قتل جو واقعو پيش آيو ھو, زميندار آغا زبير پٺاڻ ٻڪريون ۽ ٻيا ڍور فصل ۾ پوڻ جو الزام هڻي راند کيڏندڙ معصوم ٻارڙن کي گاريون ڏيندي سڌي فائرنگ ڪري ڏني هئي, جنهن دوران ٻيا ٻارڙا گولين کان بچندي لڪي ويا, جڏهن ته 9 ورهين جو طاهر ملاح سيني ۾ گولي لڳڻ ڪري ٿڏي تي قتل ٿي ويو هو. ابتدائي طور تي پوليس مقتول نينگر جي ماء جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪري زميندار جي ڪمدار نانو ملاح کي گرفتار ڪيو, پر مک جوابدار زبير پٺاڻ فرار ٿي ويو هو, جنهن بعد ۾ ڪراچي جي عدالت مان 5 ڏينهن جي لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي هئي, هاڻ 8 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جوابدار کي وارثن کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.