اسماعيل هانيه جي قتل سان خطي ۾ امن کي نقصان پهچندو: چين

بيجنگ (م ڊ) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته سندن ملڪ ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي سالميت جي دفاع جي حمايت ڪري ٿو. چيني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير وانگ  ايران جي پرڏيهي وزير علي باقري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جنهن ۾ هن ايران ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته حملو ايران جي خودمختياريءَ جي ڀڃڪڙي آهي ۽ خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت موجب چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ايراني پرڏيهي وزير  کي ٻڌايو ته اسماعيل هنيه جي موت سان غزه ۾ جنگ بندي بابت ڳالهين جي عمل ۽ خطي ۾ امن وارين ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. چين قانون موجب ايران جي  خودمختياري، سلامتي ۽ قومي سالميت جي دفاعي حق جي حمايت ڪري ٿو ۽ نه رڳو خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو پر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايران سان ڳالهيون به جاري رکندو. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ ايران جي نمائندي علي شمخاني چيو آهي ته غزه ۾ جنگبنديءَ واري معاهدي سان سندس ملڪ جي دفاعي حق جو ڪو به تعلق ناهي، اميد آهي ته اسرائيل خلاف سندن جوابي حملي سان  غزه ۾ جنگبندي کي نقصان نه پهچندو. علي شمخاني چيو ته اسرائيلي حڪومت جون دهشتگرد ڪارروايون اسان جي قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. اسان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق آهي. علي شمخاني وڌيڪ چيو ته غزه ۾ جنگبندي اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ حماس جيڪو معاهدو قبول ڪندي اهو اسان به قبول ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.