قصور: بجليءَ جو 10 ھزار بل اچڻ تي غريب پاران آپگهات

قصور (م ڊ) قصور ويجهو بجلي جو وڌيڪ بل نه اچڻ تي ٽن ٻارن جي پيءُ ٽرين هيٺان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب تعلقي ڪوٽ راڌا ڪشن جي رهواسي 38 سالن جي منير جي بجلي جو بل 10 هزار رپيا آيو، بجلي بند ٿيڻ بعد گهر ۾ بک ۽ بدحاليءَ جي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ هن جو زال سان جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ منير پنهنجي ننڍڙي پٽ کي ڪوٽ راڌا ڪشن اسٽيشن تي پهتو. جڏهن ڪراچي کان سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ٽرين هلڻ شروع ٿي ته منير ٻارڙي کي جهوليءَ مان لاهي پنهنجو مٿو پٽڙيءَ تي رکي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس سر ڌڙ  کان ڌار ٿي ويو. پاڙيسرين موجب منير انتهائي غريب هو، سندس بجليءَ جو بل 10 هزار 500 جو آيو هو. ڪياني اسٽريٽ نئين آباد جي رهواسي منير جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.