اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وارننگ جاري ڪئي آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ تيز برساتون، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ گليشيئر ڳرڻ سبب ٻوڏ جو خدشو آهي. ايڊوائزري ۾ اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته موجوده موسمي صورتحال ۾ دير، سوات، ڪوهستان، استور، گلگت، اسڪردو ۾ گليشيئر ڳرڻ سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. انهن علائقن ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمر ۾ به گجگوڙ سان برساتن جو امڪان آهي. ٻن ڏينهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد ۾ تيز وسڪاري جو امڪان آهي. خيبرپختونخوا ۾ عملدارن جو چوڻ آهي ته برساتون صوبي جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا خدشا آهن.
-
معيشت جي ترقي لاءِ برطانوي ماهر جي نگراني ۾ 5 سالن جو پلان تيار
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستاني معيشت جي ترقي لاءِ برطانوي معاشيات جي ماهر جي نگراني ۾ 5 سالن جو پلان تيار ڪيو ويو. ذريعن موجب معيشت جي بهتري جو منصوبو 4 آگسٽ تي جاري ڪرڻ جو امڪان آهي جنهن جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ڪندو. معاشي ايجنڊا ۽ روڊ ميپ ۾ 5 سالن جو منصوبو پيش ڪيو ويندو. ڄاڻايل معاشي پلان کي اسٽيفن ڊرڪن منصوبي جو نالو ڏنو ويو آهي. سال 2028 تائين ساليانو 6 سيڪڙو معاشي ترقي جو هدف تجويز ڪيو ويو آهي. سڌارن ذريعي 2028 تائين برآمد جو هدف 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو پلان تجويز ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن موجب پلان تحت نجي سيڙپڪاري کي هٿي ۽ برآمد ۾ واڌ ترجيح هوندي، سڌارن تي ڪامياب عمل سان ساليانو روزگار جا 10 لک موقعا پيدا ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ڄاڻايل پلان ۾ توانائي ۽ ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي جي تجويز به شامل آهي. چين مان ٽيڪنالاجي جي پاڪستان منتقلي جي تجويز ڏني وئي آهي. چين سان جوائنٽ وينچرز ذريعي برآمد کي هٿي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 13.5 سيڪڙو ۽ سيڙپڪاري ۽ برآمد 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز به منصوبي م شامل آهي. ڄاڻايل منصوبي تي عمل درآمد لاءِ سياسي استحڪام ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
-
سال ۾ بجلي 14 ڀيرا مهانگي، واهپيدارن تي 455 ارب رپيا واڌو بار
اسلام آباد (م ڊ) جولاءِ 2023 کان آگسٽ 2024 تائين ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 14 ڀيرا مهانگي ڪئي وئي ۽ واهپيدارن تي 455 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار وڌو ويو. جولاءِ 2023 ۾ مئي جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 90 پيسا، آگسٽ ۾ جون 23 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 81 پيسا مهانگي ڪئي وئي. اهڙي ريت سيپٽمبر ۾ جولاءِ 2023 جي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 46 پيسا ۽ آڪٽوبر ۾ آگسٽ 2023 جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 71 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي.