ملڪ ۾ جاري ڇڪتاڻ مان اھو صاف نظر اچي رھيو آھي تھ حڪومت عوام جي حقيقي مسئلن کان لاتعلق ٿي وئي آھي.ھڪ حڪومت جو اھو ئي ڪم ھوندو آھي تھ عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بڻايو وڃي ۽ عوام جي ڀلائي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجندڙ مسئلن کي حل ڪيو وڃي.پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ايندڙ ھر حڪومت عوام کان ووٽ وٺڻ وقت تھ وڏا وعدا ڪندي آھي پر اقتدار حاصل ڪرڻ بعد انھن کي وساري ويھي ٿي رھي.جيڪڏھن ملڪ ۾ انصاف ھجي تھ ڪنھن بھ انصاف جي اداري ۾ اھو ثابت ڪري ٿو سگھجي تھ ھن وقت عوام مھانگائي جي ڪري بنهھ بي حال آھي، جنھن جو اصل سبب ھي آھي تھ حڪومت کي عوام جي مسئلن ۾ ڪابه دلچسپيءَ نھ آھي.
ڪجهھ سالن کان مھانگائي جي آيل طوفان اڳي ئي معاشي بار ھيٺ دٻجي ويل ماڻھن جو رھيل رت ست بھ نپوڙي ڇڏيو آھي. ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي ڪري غربت وڌي رھي آھي ۽ عوام جي زندگيءَ جو معيار وڌيڪ ھيٺ ڪرندو پيو وڃي. بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي عام ماڻهو کي سخت متاثر ڪيو آهي.جنھن ڪري غربت جي لڪير کان هيٺ گھاريندڙن جي انگ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.ھن وقت غربت جي لڪير کان ھيٺ رھندڙ ماڻھن جو انگ 33 کان 40 سيڪڙو تائين وڌي ويو آهي، بجلي جي قيمت ۾ تازو 2 رپيا 56 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ مجموعي طور تي بجلي جو في يونٽ 60 رپين ۾ ملي رھيو ھو، جنھن ۾ واڌ ٿيڻ لازمي امر آھي، جنھن جو بار پڻ عوام جي مٿان پوندو.
سياست ۾ دلچسپيءَ رکندڙ حلقن جو چوڻ آھي تھ سياست گول دائري ۾ گھمي رھي آھي، جنھن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نھ پيو ملي.حالتن مان لڳي ٿو تھ ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آھي.خيال ھو تھ چونڊن بعد سياسي استحڪام ايندو ۽ معيشت کي ٽيڪڙو سيڪڙو ڏئي وقت کي ڌڪي وڃبو، پر جيڪو منظر آھي ان ۾ اھو خواب ڏسندڙ جي پوري ٿيڻ جو امڪان نظر نھ پيو اچي.رياست جي تشريح ھي آھي تھ چونڊجي آيل يا چونڊرايل ڌر کي پارليامينٽ جوڙي ان ۾ ملڪ جي مفادن ۽ عوام جي حقن لاءِ قانون جوڙڻو ھوندو آھي، جنھن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ ڌر کي حڪومت ڏبي آھي،جيڪا ان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سسٽم جوڙيندي آھي.صورتحال ھي آھي تھ ھن وقت تائين رڳو حڪومت معاملا بھ چٽا نھ ھئڻ ڪري ڪڏھن حڪومت جو پلڙو ڳرو پيو ٿئي تھ ڪنھن مھل وري اپوزيشن اڳيان نڪري ٿي وڃي. اھڙي غيرمستحڪم حالت جو ملڪ جي معيشت تي اثر پئجي رھيو آھي.جنھن سان عوام کي وڌيڪ ڀوڳڻو پئجي رھيو آھي.
ڪجهھ سال اڳ مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پاڻ ۾ ڪيل ميثاق جمھوريت جي توڙ جي لاءِ ھڪ منظم طريقي سان پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڳيان آندو ويو ۽ ان جي لاءِ وڏو بندوبست بھ ڪيو ويو ھو.پر ڪجھھ وقت بعد پنھنجي مفادن کي نقصان ۾ ويندو ڏسندي اسٽيبلشميٽ جڏھن پاسو تبديل ڪيو تھ اڳ ۾ جيڪو ڪجهھ پوکيو ويو ھو اھو فصل پچي راس ٿي ويو، جنھن ڪري ھن وقت جي حڪومت کان ھاڻوڪي اپوزيشن ڪنھن بھ ريت نھ پئي سنڀالجي، ان ڪري سياست ڦاٿل آھي، جنھن جو اثر وري لڳ ڀڳ سموري شعبن تي پئجي رھيو آھي.حڪومت جي نالي ۾ ڪجهھ کاتا چرپر تھ ڪري رھيا آھن پر ان جو ڪو کڙتيل نھ پيو نڪري.مڪمل سياسي ڊيڊ لاڪ نظر اچي رھيو آھي.
ملڪ ۾ عام ماڻھو جي صورتحال ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي، مھانگائي، بيروزگاري، غربت، صحت ۽ تعليم جھڙين سھولتن کان وانجھيل ماڻھو ڳڻتي ۾ ورتل آھي.حڪومت پاران ھن وقت تائين ڪنھن وڏي رليف نھ ملڻ سبب ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار جئين پوءِ تئين ڪري رھيو آھي.سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري ملڪ ۾ ڪنھن وڏي ترقيءَ جو امڪان بھ نظر نھ پيو اچي، فوري طور تي ملڪ جي معيشت جو مسئلو آھي، پر چوندا آھن تھ پئسي کي ڏسي پئسو ايندو آھي تھ حڪومت جڏھن سياسي طور تي ڪمزور ھجي، ٻيا ملڪ ڪنھن وڏي اداري جي بيل آئوٽ جو انتظار ڪندا ھجن، ان ڪيفيت ۾ اھو گھڻو ڏکيو ٿي ٿو وڃي تھ ڪٿان امداد اچي سگھي.
جيتوڻيڪ پاڪستان ھڪ ائٽمي ملڪ آھي پر اھو سياسي ۽ معاشي طور تاحال ڀاڻ ڀرو نھ ٿي سگھيو آھي تنھن ڪري ائٽمي رياست ھوندي ملڪ جي عام ماڻھو جي صورتحال ڪمزور ئي آھي.حڪومت توڙي اپوزيشن جي بھتري تھ ان ۾ ئي آھي تھ اھي ڳالھين سان مسئلا حل ڪن،باقي ڪو بھ رستو نھ آھي، سياست جا بھ ڪي اصول ھوندا آھن، بنا ڪنھن اصول يا قانون جي سياست جي ميدان ۾ کيڏندڙ نھ رڳو پاڻ کي پر عوام ۽ ملڪ کي بھ نقصان ئي ڏيندا .
ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ معاملن کي بھتري طرف آڻڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ اپوزيشن کي بھ مثبت موٽ ڏيڻ گھرجي، سياست لچڪ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو فن ھوندو آھي،ڪو بھ سکڻي ضد سان سياستدان نٿي ٿي سگھي.جيڪڏھن رڳو ضد تي ڳنڊ ٻڌڻي آھي تھ پوءِ ان جو نتيجو نھ رڳو ڪنھن ھڪ ڌر يا ڪنھن خاص حصي يا طبقي کي ڀوڳڻو پوندو پر ان جو اثر مجموعي طور تي سموري سماج تي پوڻو آھي.دنيا ۾ ڪو بھ اھڙو مسئلو نھ آھي جنھن جو ڪو حل نھ آھي، ان ڪري ھاڻوڪي ڊيڊ لاڪ جو بھ حل ضرور ھوندي پر ان جي لاءِ ڌرين کي فراخدلي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آھي.
ھڪ ڀيرو وري حڪومت ۽ عدليھ وچ ۾ شروع ٿيل تڪرار جي ڪري سموري ملڪ جو ڪارونھوار رڪجي رھيو آھي،بظاھر ادارا ڪم ڪري رھيا آھن پر ھڪ غيرمستحڪم سياسي ماحول ۾ ان جو ڪو بھ اثر ظاھر نھ پيو ٿئي. حڪومت توڙي ٻين آئيني ادارن کي ڪو جٽادار حل ڳولي اجائي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو ان سان عوام جو وڌيڪ نقصان ٿي رھيو آھي.جنھن جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڪو بھ ذمو کڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.