جاچ آفيسر بينڪ عملدارن کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو، چالان ڪرڻ جي سفارش

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ڪجهه ڏينهن اڳ صوبائي وزير اڪرام خان ڌاريجو جي ڀاءَ پاران نيشنل بينڪ جي عملدارن فاروق آرائين ۽ خادم سومرو مٿان تشدد، پيرن تي هٿ رکي معافي وٺرائڻ وارو معاملو  سامهون اچڻ بعد بينڪ عملدارن موقف اختيار هو ته بنا ڪنهن ڏوهه جي ظفر خان ڌاريجو اسان کي  ڏاڍ جي زور تي تشدد ڪرائي معافي وٺرائي ۽ ڪيس به داخل ڪرايو. بينڪ عملدارن ڊي آءِ جي سکر کي انصاف لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو عبدالقادر چاچڙ جاچ ڪري ايس ايس پي کي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. عوامي آواز کي هٿ آيل جاچ رپورٽ ۾ بينڪ عملدارن فاروق آرائين ۽ خادم سومرو کي هيراڦيري ۾ ملوث قرار ڏيندي چيو ويو ته ظفرالهديٰ وقت تي رقم جمع ڪرائي هئي پر بينڪ عملدارن  هيراڦيري ذريعي رقم مان ذاتي فائدو حاصل ڪيو جيڪو بينڪ اصولن خلاف آهي. رپورٽ ۾ ايس ايس پي کي سفارش ڪئي وئي آهي ته جوابدارن مٿان عادلپور ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس مان ظفرالهديٰ جو نالو خارج ڪيو وڃي ڇوته هن وقت سر رقم واپس ڪئي پر بينڪ عملدارن هيرا ڦيري ڪئي انڪري کين چالان ڪيو وڃي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فاروق آرائين غلط بياني ڪندي بيان ڏنو ته نيشنل بينڪ گهوٽڪي جي اڳوڻي مئينجر خادم سومرو سان سندس ڪو واسطو ناهي پر ثبوتن تحت سندس واسطو رهيو آهي ۽ هنن گڏجي حڪمت عملي ٺاهي هئي. جاچ آفيسر پاران سمورا ثبوت ۽ سي سي ٽي وي جو رڪارڊ به ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

  • ظفرالهديٰ جو نالو ڪڍيو ويندو ته اسان جا نالا ڪيئن ايندا؟ فاروق آرائين

ميرپورماٿيلو: نيشنل بينڪ جو نائب صدر فاروق آرائين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو  ته اسان تي تشدد ٿيو ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي  کي درخواستون ڏنيونسين اسان سان انصاف ناهي ٿيو. ظفر الهديٰ ، بشيرالهديٰ سان ڄام ظفرالله جو معاملو هو واقعي وقت منهنجي پوسٽنگ ڪراچي ۾ هئي ۽  اسان کي بي گناهه ڦاسايو ويو آهي. جاچ آفيسر جيڪڏهن ظفرالهديٰ جو ڪيس مان نالو خارج ڪري ٿو پوءِ اسان جا  نالا ڪيئن اچي سگهن ٿا. اسان جو نه چيڪ آهي ۽ نه ئي اسان جو واسطو آهي عادلپور ٿاڻي تي ايف آءِ آر ئي ظفرالهديٰ جي چيڪن تي ٿي آهي.

  • ڊي آءِ جي وٽ جاچ ناهي ٿي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي: اڳوڻو مئنيجر خادم سومرو

گهوٽڪي: گهوٽڪي جي نيشنل بينڪ جي اڳوڻي  مئنيجر خادم حسين سومرو  عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته تشدد واري معاملي جي ڊي آءِ جي سميت ٻئي ڪنهن وٽ به انڪوائري ناهي ٿي ان معاملي بابت گهوٽڪي جي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي جتان انصاف جي اميد آهي، 13 آگسٽ 2024 تي  ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.

  • بشر الهديٰ کي ڪڏهن ڏٺو به ناهي، چيڪ ته بينڪ وارن ڏنا هئا: ظفر الله ڌاريجو

ميرپورماٿيلو : اڳوڻي ايس ايس پي ظفرالله  ڌاريجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو بشرالهُديٰ وارن سان ڪو به اهڙو معاملو نه هو اسان هڪٻئي کي ڏٺو ئي ناهي ۽ نه ئي انهن سان ڪاروبار ۾ ڏيتي ليتي آهي چيڪ اسان کي بينڪ وارن ڏنا. ريجنل مينيجر سکر ممتاز ڀٽو کي سڀ خبر آهي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ريجنل مينيجر ممتاز ڀٽو ۽ ريجنل مينجر حيدرآباد گوبند رام مون وٽ هلي آيا هئا.

  • ظفرالهديٰ ڪيس ۾ نالو چالان نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي: جاچ آفيسر

ميرپورماٿيلو : ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي عبدالقادر سومري عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ٻڌايو ته ظفر الهدٰي ايس ايس پي  گهوٽڪي کي درخواست ڏني هئي ته بئنڪ معاملي واري ڪيس ۾ منهنجو نالو چالان نه ڪيو وڃي آءُ بينڪ کي پيمنٽ ڪري چڪو آهيان جنهن جي انڪوائري ڪرائي وڃي اهڙي انڪوائري ڪرڻ ۾ اسان کي هڪ مھينو لڳي ويو جنهن بعد ڪيس چالان نه ٿي سگهيو هو هاڻ جڏهن بئنڪ عملدار ڊي آئي جي سکر وٽ درخواست کڻي ويا ۽ ڊي آءِ جي صاحب اسان کان پڇاڻو ڪيو جنهن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي انڪوائري رپورٽ تي ڪيس چالان لاءِ هدايتون ڏئي ڇڏيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.