پارليامينٽ ۽ عدليه ۾ ٽڪراءُ، ڇڪتاڻ اڃا وڌڻ جا امڪان

اسلام آباد (نجم سيٺي)  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير پارليامنٽ پاران سپريم ڪورٽ تي مخصوص سيٽن جي حوالي سان آيل دٻاءُ آهي. ڇو ته پارليامنٽ ۾ چيل ڳالهين تي سپريم ڪورٽ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. پارليامنٽ عدليه کي چئلينج ڪندي. هاڻي پارليامنٽ ۽ عدليه ۾ ٽڪراءُ ٿي ويو آهي. هن وقت عدليه جو جهڪاءُ عمران خان ڏانهن آهي، عمران خان مقبول آهي، ان لاءِ عدليه هن جي خلاف نه ويندي، ڇو ته عمران خان مقبول نه هجي ها ته عدليه هن سان گڏ نه بيٺل هجي ها. هاڻي عدليه مٿان به سياست اچي وئي آهي. هن بحراني صورتحال ۾ عدليه عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. جيڪڏهن عمران خان پوئتي نه هٽندو ته اسٽيبلشمنٽ به پوئتي نه هٽندي، جيڪڏهن عدليه پوئتي نه هٽندي ته پارليامنٽ به پوئتي نه هٽندي ۽ اها ڇڪتاڻ وڌندي. پوءِ فيصلو ٿيندو ته پارليامنٽ سپريم آهي يا سپريم ڪورٽ سپريم آهي، آخر ۾ سپريم ڪورٽ جا فيصلا نه مڃيا ويندا. عدليه ۽ پارليامنٽ ۾ تڪرار جا وڏا امڪان آهن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ ۽ جسٽس منصور علي شاهه پاران ڪيل فيصلن سان ڇڪتاڻ ۾ اڃا اضافو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.