مزاحمتي قومي شاعر ابراهيم منشي کي ڀيٽا پيش

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي مزاحمتي قومي شاعر ابراهيم منشي جي 21 هين ورسي جي تقريب ثقافت کاتي جي سهڪار سان سنڌي  ٻولي جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ ٿي، جنهن ۾ اديبن شاعرن ۽ ليکڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ صوفي فورم جي سربراهه ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته ابراهيم منشي سنڌ جو قومي، مزاحمتي ۽ يگانو شاعر آهي، سندس شاعري ۽ ان جا اثر صدين تائين رهندا. هن چيو ته منشي سنڌ جو ٽيگور آهي، جنهن سنڌي قوم ۽ وطن سان محبت ڪندي مزاحمت واري شاعري ڪئي، منشي جي شاعري ڌرتي مان ڦٽل شاعري آهي. هن چيو ته منشي جي هر لفظ ۾ ڌرتي سان محبت سمايل آهي. سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر قمرالزمان راڄپر ڳالهائيندي چيو ته اسين جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين ته ان وقت کان منشي سان سلهاڙيل رهياسين. منشي جي شاعري آسمان تي تاري جيان چمڪي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي شاگردي واري دور ۾ منشي، اياز، استاد بخاري ۽ سائين جي ايم سيد جا 50 ڪتاب موجود هئا ۽ ان وقت جي شاگردن ۾ مزاحمت هئي، جن جيل به ڏٺا، اهو ادب ۽ شاعري هن وقت ڪٿي آهن⸮. هن چيو ته ابراهيم منشي هڪ پورهيت انسان هو پر منشي جهڙي شاعري ڪير ڪري ته ڏيکاري. هن چيو ته منشي جي دور وارا شاعر هن وقت ڪٿان آڻيون. هن وقت ادبي تحريڪ درٻارين جي حوالي ٿي وئي آهي ته پوءِ ماڻهو به اهڙا ئي پيدا ٿيندا. لمس جي اڳوڻي وي سي پروفيسر بيکا رام چيو ته منشي ڏکئي دور ۾ سنڌي قوم لاءِ سچ لکيو ۽ ڳالهايو جنهن وقت ۾ ماڻهو سنڌي قوم لاءِ ڳالهائيندي به خوف محسوس ڪندا هئا. منشي سنڌ وطن، سنڌ جي مزدورن، هارين، غريبن ۽ پڙهيل لکيل طبقي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي زينت سمون، منصور قادر جوڻيجو، رميش گپتا، طارق منشي، اياز منشي، فقير قادر بخش، ايم بي کوسو ۽ ٻين پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا. جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾ نامياري فنڪاره ريشما پروين ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.