بشير ميمڻ رڳو خوابن ۾ ئي گورنر ٿي سگهي ٿو: مخدوم محبوب الزمان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌجي بحالي کاتي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته بشير ميمڻ رڳو خوابن ۾ گورنر ٿي سگهي ٿو،  بشير ميمڻ جي گورنر ٿيڻ واري ڳالهه جي ترديد نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ڪري چڪو آهي، مخدوم خاندان جي سياست بشير ميمڻ جي پيدائش کان به اڳ جي آهي، جيڪڏهن هو گورنر ٿي به ويو ته کير ۽ ماکي جون نديون نه وهائيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن شهباز هال ۾ اجلاس ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بحالي واري صوبائي وزير محبوب الزمان چيو ته قومي ترقي ۽ معاشي بحالي ۾ آرمي چيف جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، هن چيو ته پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي پاليسي اها ئي آهي ته ڪٿي به قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته حيدرآباد ڊويزن سميت سنڌو درياهه جي سمورن بندن جي مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ گڏيل سروي ڪرائي سانوڻ جي پھرين وسڪاري سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، چيف انجنيئر آبپاشي بريفنگ ڏيندي چيو ته ايم ايس بند، سرجاني ۽ منارڪي بند ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ 10  حساس جايون آھن پر اتي پٿر جي پچنگ ڪئي وئي آهي. حاجي پور بند ٽنڊو محمد خان تي ترقياتي ڪم جاري آهن.  حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حيدرآباد شهر ۾ اربن فلڊ جي لحاظ کان 174 حساس پوائنٽس تي مشينري رکي وئي آهي جتي برساتي پاڻي گڏ ٿئي ٿو. قاسم آباد ۽ لطيف آباد درياهه جا بند چار لک ڪيوسڪ پاڻي وڌي وڃڻ بعد تاريخي طور حساس رھيا آهن, پر ھن دفعي وھڪرا ھڪ لک آھن تنھن باوجود اتي مشينري  پھچائي وئي آهي ۽ گشت جاري آهي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي، ڪمشنر حيدرآباد بلال ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، دادو، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، مٽياري، ڄامشورو، ڊائريڪٽر جنرل واسا ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بحالي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته سانوڻ جو پهريون اسپيل ٿي چڪو آهي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي، صورتحال ڪنٽرول ۾ آهن ۽ برسات جي پهرين سسٽم دوران حيدرآباد ڊويزن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.