ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ پير بخش کٽياڻ جو رهواسي پيرسن مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، سندس وارثن کان 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، وارثن موجب 65 ورهين جو سهراب 6 ڏينهن اڳ دوا وٺڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو، ڪالهه ڌاڙيلن سندس وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پيرسن جو چوڻ آهي ته مون کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آهي، ڌاڙيلن آزادي لاءِ 25 لک ڀنگ گهريو آهي، وڊيو ۾ پيرسن جو چوڻ آهي ته 25 لک رپيا ڀنگ ڏئي مون کي بازياب ڪرايو وڃي، ڌاريلن رات جو مون تي تشدد ڪن ٿا، سخت پريشان آهيان. پيرسن جي وارثن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوي پيرسن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي.