هاري۽ پورهيت دشمن قانون پيا ٺهن،شهيد نذير عباسي جي واٽ تي هلڻو پوندو:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) هاري ۽ مزدور ڳواڻن توڙي ترقي پسند سياسي ڪارڪنن، عظيم انقلابي اڳواڻ شهيد نذير عباسي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد نذير عباسي هارين، مزدورن ۽ شاگردن کي گڏ ڪري عوامي انقلابي جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، اڄ به هاري ۽ مزدور دشمن قانون جڙي رهيا آهن، پورهيت طبقي جو استحصال ٿي رهيو آهي، ان ڪري شهيد نذير عباسي جي واٽ تي هلندي هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ضياء جي آمريت ۾ ٽارچر سيلن ۾ ازيتون ڏئي شهيد ڪيل انقلابي اڳواڻ نذير عباسي جي 44 هين ورسي جي موقعي تي نيشنل پارٽي سنڌ وحدت پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ شهيد نذير عباسي جي شهادت، هارين ۽ پورهيتن جي حقن جي لتاڙ، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميمن ۽ هاري ڪارڊ واري مسئلي تي مشاورتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر تاج مري چيو ته شهيد نذير عباسي جي جدوجهد هارين ۽ پورهيتن جي لاءِ هئي، ايوب ۽ ضياء الحق ته هاري دشمن ترميمون ڪرايون، پر پيپلزپارٽي جيڪا پاڻ عوام، پورهيتن ۽ هارين جي جماعت سڏرائي ٿي ان به ٽيننسي ايڪٽ ۾ هاري دشمن ترميمون ڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت تازو هاري ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ اهو هاري ڪارڊ هارين سان وڏي ٺڳي آهي، هاري ڪارڊ ڏيڻ جا شرط ۽ طريقيڪار ئي هاري دشمن جوڙيو ويو آهي، هاري ڪارڊ ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه ايڪڙ زمين هجڻ جو شرط رکيو ويو آهي، اهو ته ممڪن ئي ناهي ته هاري وٽ زمين هجي، ان ڪري هاري ڪارڊ رڳو بي زمين هارين کي ئي ملڻ گهرجي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ نذير عباسي قومي ۽ طبقاتي جنگ وڙهي رهيو هو، هن وڏيرا شاهي ضياء جي مرشلا خلاف جدوجهد ڪئي، ان ئي ڏوهه ۾ کيس ٽارچر سيل ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت هارين ۽ مزدورن کي ڪچلڻ جي لاءِ سازشون ڪري رهي آهي، هو هارين کي زمينون ڏيڻ بجاءِ انهن کان ڪارڊ جي نالي تي زمينون ڦري رهيا آهن. کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ رمضان ميمڻ چيو ته شهيد نذير عباسي انقلابي جدوجهد جي ذريعي طبقاتي، قومي ۽ جمهوري سياست کي طاقتور ڏسڻ پئي چاهيو، ان ئي رستي تي هلندي هن شهادت ماڻي، هن چيو ته هارين ۽ مزدورن جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۾ عالمي مالياتي ادارن جي چوڻ تي هيٺين، وچولي ۽ پورهيت طبقي جو استحصال ٿي رهيو آهي. نيشنل پارٽي جي مرڪزي ليبر ونگ اڳواڻ مقصود احمد سنڌ اندسٽريل رليشن ايڪٽ تي بريفنگ ڏيندي ان ايڪٽ جي خامين ۽ ڪمزورين تي بريفنگ ڏني. گلشير شر چيو ته انڊسٽيريل رليشن ايڪٽ ۾ وڏي ترميم ڪري هارين ۽ پورهيتن کان رهيل حق کسڻ جي لاءِ وڏي ترميم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر حميد سومرو، عرض محمد رتڙ، محبت علي شيدائي، عبدالجبار، لطيف لغاري، منظور ٿهيم، ادريس جتوئي، غفار چانڊيو، ۽ ٻين تقريرون ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.