اسلام آباد(انصار عباسي)ڇا نوازشريف کي وزيراعظم هائوس کان ٻاهر رکڻ سازش هئي؟ پوليٽيڪل انجنيئرنگ باوجود ن ليگ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه ملي سگهي، پارٽي اندر راءِ آهي ته نوازشريف کي سازش تحت ٻاهرين ملڪ کان گهرايو ويو ۽ چونڊن ۾ اڪثريت نه ڏياري وئي، ذميوار ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته نوازشريف خلاف ڪا به سازش نه ڪئي وئي،جيڪڏهن آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين ها ته ن ليگ کي ان کان به گهٽ سيٽون ملن ها،اهي 50 سيڪڙو سيٽون به نه کڻ ها، ن ليگ نوازشريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ واري بيانئي تي حڪمت عملي ٺاهي هئي، ان بيانئي ۾ پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن کي خبر هئي، لنڊن مان واپسي تي نوازشريف پنهنجي ويجهن ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان چوٿون ڀيرو وزيراعظم نه بڻجندس،شهبازشريف جو نالو وزيراعظم لاءِ نوازشريف پاڻ چونڊيو هو،نوازشريف ان ڪري وزيراعظم نه بڻيو ڇو ته ماضي وارن تجربن ۽ صحت جي اشو جي ڪري هو اهو عهدو سنڀالڻ لاءِ پاڻ ئي تيار نه هو،پارٽي جو صدر بڻجڻ باوجود هو عوام ۾ نٿو نڪري نه ئي ميڊيا آڏو اچي ٿو، هن جو هن وقت سڄو ڌيان پنجاب حڪومت تي آهي،هو چاهي ٿو ته مريم نواز جي حڪومت ڪامياب ٿئي، هن جو رول هن وقت مريم نواز جي چيف ايڊوائزر طور آهي،اطلاعن مطابق هن جا شهبازشريف سان ڪي به اختلاف ناهن،