رڪاوٽن باوجود اقليتن جي حقن لاءِ مارچ جي اجازت ملي وئي

ڪراچي (رپورٽر) حڪومت اقليتن جي حقن لاءِ پهريان اسلام آباد، ڪراچي ۽ سکر ۾ مارچ ڪرڻ جي اجازت ڏني بعد ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب اين او سي واپس وٺي ڇڏي وري انتظاميا مارچ جي اڳواڻن کي ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ريليون ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.11 آگسٽ تي اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ اقليتي حقن لاءِ مارچ ڪيو ويندو. ٻئي طرف سکر جي مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اقليتي مارچ جي اين او سي رد ڪري ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي.سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اقليتن جي حقن لاءِ مارچ جي منتظمين کي اجازت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته، انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن شيما ڪرماڻي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته کيس افسوس آهي ته ”ريلي ڪڍڻ  جي اجازت واپس ورتي وئي آهي“.ان حوالي سان جڏهن سنڌ حڪومت کان سوال ڪيو ويو ته هڪ ترجمان چيو ته انهن ڏينهن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن تي حملن جو خطرو هو. جنهن جي نتيجي ۾ اين او سي واپس ورتي وئي هئي.ريلي جي اڳواڻن موجب اقليتي حقن واري مارچ ۾ توهين رسالت واري قانون جي غلط استعمال ۽ هندو برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان ڇوڪرين جي جبري  شادين خلاف تقريرون ڪرڻيون هيون.پر ريلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ، ڪيترن ئي مذهبي گروهن اقليتن جي حقن جي مارچ جي مخالفت ڪئي.ان حوالي سان ڪراچي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جو وڊيو بيان به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هو فريئر هال ۾ ويهي چئي رهيو هو ته: ”اسان ڪنهن به اهڙي مارچ جي اجازت نه ڏينداسين جيڪو ناموس رسالت خلاف هجي.شيما ڪرماڻي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کين 11 آگسٽ تي فريئر هال ۾ گڏ ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي.هن بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته ‘اسان سڀئي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو وٽ ويا هئاسين ۽ انهن کان پڇيو ته هو پنهنجي صوبي ۾ اقليتن کي مارچ ڪرڻ ۽ انهن جو ڏينهن ملهائڻ جي اجازت ڪيئن نه ٿا ڏين.’”اقليتن جي حقن واري گروپ“ نالي هڪ تنظيم هن مارچ کي ڪراچي جي فيريئر هال ۾ منظم ڪري رهي آهي.ٻئي طرف مارچ جي حوالي سان اسلام آباد انتظاميا جو چوڻ آهي ته شهر ۾ قلم 144 اڳ ئي لاڳو آهي، جنهن تحت ڪنهن به گروپ کي ريلي ڪرڻ جي اجازت ناهي.انتظاميا جي هڪ اهلڪار بي بي سي کي ٻڌايو ته اقليتي حقن واري مارچ جا آرگنائيزر ۽ شرڪت ڪندڙ هاڻي اسلام آباد پريس ڪلب جي سامهون تقريرون ڪندا، جتي داخل ٿيڻ جي اجازت جي ضرورت ناهي.ان سلسلي ۾ بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻ عثمان وڙائچ چيو ته موجوده صورتحال ۾ اهڙن قانونن جي مخالفت ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي جنهن سان اقليتي برادري ۽ مسلمانن ٻنهي کي خطرو هجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.