ترقياتي بجيٽ مان 400 ارب جي ڪٽوتي ڪرڻي پوندي: احسن اقبال

اسلام آباد(م ڊ) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي ترقياتي  بجيٽ ۾ 200 کان 400 ارب رپين جي ڪٽوتي ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام جي شرطن ۾ ڪو به نرمي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي .سينيٽ جي رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي ڪري اسان جا هٿ بند آهن، آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ نرمي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو وزارت اڃا تائين پهرين ٽه ماهي ۾ پي ايس ڊي پي فنڊز جاري نه ڪيا آهن ۽ ناڻي واري وزارت کان صلاح طلب ڪري رهي آهي ته پي ايس ڊي پي جا ڪيترا فنڊز موجود آهن. هن چيو ته 3 سالن جي آءِ ايم ايف پروگرام تحت سڌارن جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ترقياتي خرچن ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، پر هلندڙ مالي سال ۾ مالياتي گنجائش نه آهي.

  • بجلي جو بل 17 هزار رپيا اچڻ تي بهاولنگر ۾ پورهيت جو آپگهات

بهاولنگر(م ڊ) بهاولنگر ۾ بجلي جو بل 17 هزار رپيا اچڻ تي غريب ڀاڄي وڪڻندڙ پورهيت پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي.بهاولنگر جي تعلقي چشتيان ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي بابت فوتي جي پيءُ پوليس کي ٻڌايو ته سندس پٽ بجلي جو بل وڌيڪ اچڻ سبب زهر جون گوريون کائي آپگهات ڪيو آهي. پٽ ڀاڄيون وڪرو ڪندو هو ۽ بجلي جو بل 17 هزار رپيا اچڻ تي پريشان هو.ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ عوام بجلي جي بلن ۾ واڌ جو شڪار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.