هن ملڪ ۾ رڳو 9 مئي وڏو حادثو ناهي: اچڪزئي

لاهور(م ڊ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي  سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ نه ٺاهي وئي هئي پر ان تحريڪ جو مقصد ئي قوم کي متحد ڪرڻ آهي.ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان پاڪستان کي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو.هن چيو ته پاڪستان معدنيات سان ڀريل ملڪ آهي ته پوءِ معاشي طور ٻڏي ڇو پيو؟ لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، غربت جو سبب بي رحم نظام آهي.هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته جهنڊا هڻڻ ۽ نعرا هڻڻ سان پاڪستان آزاد نه ٿيندو، آزادي رڳو حڪمراني جي حق لاءِ ورتي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.