شيخ مجيب جا مجسما ڇو ٽوڙيا ويا !

تحرير: حامد مير

مان هميشه وڏي فخر محسوس ٻڌائيندو آهيان ته  اسڪول جي زماني ۾ سڀني کان پھرين مون جنھن ڪالم نگار پڙهڻ شروع ڪيو، اهو عطاءُ الحق قاسمي صاحب هو. مون جڏهن ڪالم لکڻ شروع ڪيو تھ جن سينئرز کان  گھڻي ھمت افزائي ۽ رھنمائي ملي تن ۾ قاسمي صاحب جن سر سرفهرست هو. هو مون لاءِ استاد جو درجو  رکي ٿو، ڪالهه هن مون کان فون تي پڇيو ته بنگلاديش ۾ شيخ مجيب الرحمان جي مجسمن تي حملا ڇو ڪيا پيا وڃن ؟ ڪٿي بنگلاديش ۾ وري تھ فوجي حڪومت قائم نه ٿيندي؟ قاسمي صاحب هڪ ئي ساھ  ۾ ڪيترائي سوال پڇي ورتا، جڏهن مون جواب ڏيڻ شروع ڪيو ته هن اعلان ڪيو ته ٺيڪ آهي پنهنجي ڪالم ۾ تفصيل  بيان ڪري ڇڏجان.

ڪالم جو دامن تنگ آهي، گهڻي تفصيل ۾ نٿو وڃي سگهان، پر پنهنجي مهربان استاد جي حڪم جي تعميل ۾ عرض آهي ته بنگلاديش ۾ پهريون ڀيرو شيخ مجيب الرحمان جي مجسمي تي حملو نه آھي ٿيو . ايئن اڳ ۾ ڪافي ڀيرا ٿي چڪو آھي. شيخ مجيب الرحمان کي بنگلاديش ۾ بنگلا بنڌو يا باباءِ قوم جو درجو ڏنو وڃي ٿو. 1975ع ۾ بنگلا بنڌو جي قتل کان پوءِ نه رڳو ھن کان باباءِ قوم جي اعزاز ڦرڻ  بلڪھ  بنگلاديش جي قومي تراني ۽ قومي جهنڊي کي تبديل ڪرڻ جي بھ ڪوشش ٿي.

5 آگسٽ 2024 تي مون پنهنجي ڪالم ۾ عرض ڪيو ھو ته شيخ حسينه واجد سريلنڪا جي اڳوڻي صدر راجا پڪسا جي  انجام ڏانهن وڌي رهي آهي. راجا پڪسا عوامي دٻاءُ سبب 2022 ۾ پنهنجي خاندان سميت ڪولمبو مان  ڀڄي ويو ھو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس سري لنڪا واپس وڃڻ جي اجازت ملي وئي. حسينه واجد 5 آگسٽ جي ٻپھر ڍاڪا مان ھندوستان فرار ٿي  وئي. هئي ۽ سندس فرار ٿيڻ جي ڪجهه لمحن بعد ئي ماڻهن جو هڪ ميڙ وزير اعظم هائوس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ  ڪري رھيو ھو.

حسينه واجد جي زوال بعد  پاڪستان ۾ اهو بحث شروع ٿيو ته بنگلاديش جي صورتحال مان ڪھڙو  سبق سکڻ گهرجي؟ ڪجهه سياستدانن اها اميد بھ لڳائي رکي آهي ته جيڪو بنگلاديش ۾ ٿيو ، اهو ئي پاڪستان ۾ به ٿي ويندو.ھو اھو  وساري رهيا آهن ته بنگلاديش ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ نوجوانن پنھنجيون جانيون قربان ڪري  حسينه واجد کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.ڇا توھان  بنگالين وانگر گوليون کائڻ لاءِ تيار آهيو ؟

بنگلاديش جي صورتحال مان سبق ضرور سکو پر پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ فرق کي نه وساريو. پاڪستان تحريڪ ڍاڪا کان شروع ٿي ھئي لاهور يا ڪراچي کان نه شروع ٿي ھئي. بنگالين 1937ع ۾ بنگال ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي حڪومت ڏياري ھئي، جڏهن ته پاڪستان جو ٺھراءَ ان جي  ٽن سالن بعد 23 مارچ 1940ع تي  منظور ٿيو.

شيخ مجيب الرحمان تحريڪ پاڪستان ۾ تمام گهڻو سرگرم هو. بنگالين جي ڪانگريس سان ويڙهه بندي ماترم کي قومي ترانو بڻائڻ تي ٿيو ھو.جڏھن  مسلم ليگ بندي ماترم کي قومي ترانو بڻائڻ جي کليل مخالفت ڪئي ته بنگال ۾ ڪانگريس کي پوئتي ڇڏي وئي. معاملو ان حد تائين پهچي ويو جو 6 جولاءِ 1938ع تي ڪلڪتھ ميونسپل ڪارپوريشن جي اجلاس ۾ بيگم سڪينه فرخ سلطان هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ته اسڪول جي استادن جي تربيت ۾ھندي سان گڏ  اردوءَ کي به لازمي مضمون قرار ڏنو وڃي.جنھن تي ھنگامو ٿي ويو.

بندي ماترم تي بنگالي مسلمان  ايترا ناراض ٿيا جو آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪلڪتي جي مسلمانن مولانا ابوالڪلام آزاد کي عيد نماز جي امامت تان هٽائي ڇڏيو ۽ عيد جي نماز مولانا آزاد سبحاني جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. هي اهو زمانو هو جڏهن پاڪستان تحريڪ جو اصل مرڪز بنگال هو ۽ 1946ع ۾ لياقت علي خان ۽ مولانا شبير احمد عثماني جهڙن غير بنگالين کي پاڪستان جي نالي تي بنگال مان مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻرايو ويو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بنگالين سان ڇا ٿيو ۽ انهن هڪ ٻئي سان ڇا ڪجھ  ڪيو؟  اھا ھڪ ڊگھي ڪھاڻي آھي 1958ع ۾ اوڀر پاڪستان اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر شاهد علي خان ايوان اندر تشدد سبب زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. شيخ مجيب ان جي موت جو وڏو فائدو ورتو،1965 ۾شيخ مجيب  ايوب خان جي مقابلي ۾محترمه فاطمه جناح جوساٿ ڏنو.  فاطمه جناح کي ڌانڌلي ذريعي شڪست ڏني وئي ۽ پوءِ 1970ع جون چونڊون آيون ۽ شيخ مجيب کي اڪثريت ملي وئي.

ھن کي اقتدار منتقل ڪرڻ بدران فوجي آپريشن ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٻھ ٽڪر ٿيو. هي اهو وقت آهي جڏهن ايسٽ بنگال رجمينٽ جي ميجر ضياءُ الرحمان پنهنجي ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل رشيد جنجوعه کي گوليون هڻي ماري وڌو ھو ۽ چٽگانگ ريڊيو تي قبضو ڪر ي 27  مارچ 1971 تي بنگلاديش جي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ميجر ضياءُ الرحمان ٻه اعلان ڪيا، پهريون اعلان  پنھنجي طرفان ڪيو عوامي ليگ وارن اعتراض ڪيو  تھ  ٻيو اعلان شيخ مجيب جي نالي تي ڪيو، جيڪو پاڪستاني فوج جي تحويل  ۾ هو. اهيا ميجر ضياءَ ۽ شيخ مجيب جي وچ ۾ غلط فهميءَ جي شروعات هئي. ميجر ضياءَ پاڻ کي آزاديءَ جو هيرو سمجهندو هو، پر سياسي دٻاءُ سبب کيس شيخ مجيب کي بنگلا بنڌو قبول ڪرڻو پيو.

15 آگسٽ 1975ع تي بنگلاديش جي جن فوجي آفيسرن  شيخ مجيب جي خلاف بغاوت ڪئي، انهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل ضياءُ الرحمان به شامل هو، جيڪو بعد ۾ بنگلاديش جو صدر ٿي ويو ۽ پاڪستان ۾ ھن کي خوب پسند ڪيو ويندو ھو. جنرل ضياءُ الرحمان پي ايم اي ڪاڪول جو  تربيت يافته هو، پاڪستاني فوج ۾ ھن جا  تمام گهڻا لاڳاپا هئا، تنھنڪري ھن  پنهنجي ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل رشيد جنجوعه سان جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو وساريو ويو، پر جنرل ڪي ايم عارف ان  ظلم نه وساريو، هن پنهنجي ڪتاب ”خاڪي سائي“ ۾ لکي ٿو. ته جڏهن ضياءُ الرحمان بنگلاديش جي صدر جي حيثيت ۾ پاڪستان آيو ته مون  ڊپٽي آرمي چيف جي حيثيت ۾ سندس اعزاز ۾ ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪئي، ڇاڪاڻ ته مان ڪرنل جنجوعه جي قتل کي وساري نه سگهيو هوس.

ضياءُ الرحمان عوامي ليگ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جماعت اسلامي سان اتحاد ڪيو.بنگلاديش جي آئين ۾ ڪافي تبديليون ڪيون ويون،ايتري تائين جو بنگلاديش جو  قومي ترانو بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو رابندر ناٿ ٽيگور جو لکيل ھو،اھو قومي ترانو ۽ قومي جھنڊو بدلائڻ جي رٿ رٿي پئي وئي  ھن کي  چٽگانگ ۾ پنهنجي فوج  جي ڪجهه آفيسرن  . 1981 ۾ قتل ڪري ڇڏيو.

هي اهو ئي هنڌ هو جتي هن 1971ع ۾ ڪرنل راشد جنجوعه کي قتل ڪيو هو. 1975ع کان 1995ع تائين  بنگلاديش عاومي ليگ عتاب ھيٺ رھي شيخ مجيب کي بنگلا بنڌو جي سرڪاري حيثيت نھ ملندي ھئي. 1996 ۾حسينه واجد  وزيراعظم بڻي ته هن پنهنجي والد جي حيثيت بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حسينه واجد ۽ خالده ضياءَ جا سياسي اختلاف اصل ۾ خانداني دشمني ۾ تبديل ٿي ويا هئا ۽ نفرت جي سياست ڪري بنگلاديش ۾ خوني راند ھلندي رھي.

حسينه واجد پنهنجي دور ۾ نه رڳو هزارين سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، پر مشهور صحافين محفوظ انعام ۽ مطيع الرحمان تي به غداري جا ڪيس ٺاھيا، جيتوڻيڪ اھي ٻئي 1971ع ۾ شيخ مجيب سان گڏ ھئا.

حسينھ واجد 7 جنوري 2024 تي بنگلاديش ۾ فراڊ چونڊون ڪرايون، جن جو سڀني وڏين مخالف ڌر پارٽين بائيڪاٽ ڪيو.

هن اليڪشن حسينه واجد خلاف اھا نفرت پيدا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عوامي تحريڪ  ھلي  ۽ مڇريل نوجوانن شيخ مجيب جا مجسما ٽوڙي ڇڏيا. بنگلاديش فوج جي موجوده سربراهه جنرل وقار حسينه واجد جو مائٽ آهي ۽ اھو پاڻ کي غير جانبدار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

بنگلاديش جي بحران جو حل آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون آهن، حسينه واجد منظر تان ھٽي وئي آھي. پر سندس مخالفن جون غلطيون عوامي ليگ کي ٻيھر زندھ ڪري  سگهن ٿيون. اسان کي پنهنجي سياست مان نفرت ۽ انتقام کي ختم ڪرڻو پوندو ڇو ته نفرت ۽ انتقام جي سياست جو انجام اھو ئي ٿئي ٿو جيڪو حسينه واجد ۽ سندس والد جي مجسمن  جو ٿيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.