گذريل ڏينهن سنڌين جي تاريخي برادر ملڪ بنگلاديش ۾ اڻ توريل سياسي تبديلي آئي جنهن ۾ پندرهن سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ عوامي ليگ جي وزيراعظم حسينا واجد جي سرڪار ڊاهي ويئي ۽ فوج غير آئيني طريقي سان اقتدار تي قبضو ڪري غير آئيني طريقي سان پنهنجي مرضي موجب نوبل انعام يافتا سماجي ايڪنامسٽ محمد يونس جي مهنداري ۾ هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جوڙي آهي.
سڄي دنيا ۾ بنگلاديش جي سياسي اٿل پٿل تي حيرت انگيزي ظاهر ڪئي پيئي وڃي ۽ مبصر اوچتي اهڙي تبديلي تي مختلف ڪنڊن سان ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا آهن. ڪي ان کي عوامي رد عمل ٿا چون ته ڪي وري پلاننگ شده عمل. تبصرا ورهايل آهن ۽ ڪمينٽ به.
بنگلاديش ۾ اها اٿل پٿل ڪا اڻ ٿيڻي نه هئي. ڪافي وقت کان وٺي بنگالي فوج، ساڄي ڌر جون سياسي جماعتون، مذهبي ٽولا ۽ اين جي اوز عوامي ليگ جي حڪومت خلاف هيون، هر ڪنهن جو سور پنهنجو هو پر حسينا واجد مخالف هڪ نقطي تي سڀ متفق هئا.
شيخ حسينا واجد جي جادوگري چئجي يا ايڪاناميڪل پلاننگ، جو هن هڪ غريب ملڪ کي معاشي طور ٽائيگر بڻائڻ جي ويجهو هئي.6 جنوري 2009 کان 5 آگسٽ 2024 تائين پندرهن سال اقتدار ۾ رهندي هن ملڪ کي فرش کان عرش تائين پهچائي ڇڏيو. پندرهن سال اڳ بنگلاديش جي جي ڊي پي 109 بلين ڊالر هئي جيڪا هاڻي 409 بلين ڊالر ٿي ڇڪي آهي يعني پندرهن سالن ۾ چئوڻ کان به وڌيڪ. سندس مکيا ايڪسپورٽس ۾ ڌاڳو ۽ ڪپڙو آهي. باوجود ان جي ته بنگال ۾ ڦُٽيون نه ٿين پر عوامي ليگ حڪومت جي شاندار معاشي پاليسين ڪري دنيا جي سرمائيدرن بنگال جو رخ ڪيو. سندس ان معاشي پاليسي کان چين به متاثر ٿيو. بين القوامي مارڪيٽ ۾ چين جي اسم کان بنگالي صنعتي اسم وڌيڪ وڪامڻ لڳا. معيار ۽ اڻت ۾ بنگلاديشي ڪپڙي ۽ ڌاڳي چائنا جي پراڊڪٽ کي پوئتي رکي ڇڏيو. چائنا دنيا ۾ پهريون نمبر گارمينٽ ايڪسپورٽر آهي ۽ سندس گارمينٽ ايڪپورٽ 161 بلين ڊالرٿئي ٿي ۽ بنگلاديش ٻئي نمبر تي آهي ۽ سندس گارمينٽ ايڪسپورٽ ٻڙي کان وڌي 34 بلين ڊالر تائين پهتي ۽ اها تيزي سان ترقي ڪرڻ لڳي. تجزيا نگارن جو اندازو هو ته بنگلاديش ڪجهه سالن بعد چائنا کان نمبر کڻي وڃي ها. ان ڪري ئي چين مختلف طريقن سان بنگلاديش تي اقتصادي ۽ سياسي طور تي مختلف فورمن تي دٻاءِ ۾ رکڻ جو سلسلو وڌائيندو رهيو ۽ اهو تبصري نگارن جو قوي امڪان آهي ته عوامي ليگ جي حڪومت جي خاتمي ۾ اهو به هڪ سبب نه هجي.
شيخ حسينا واجد کان ڪنهن صحافيءَ پڇيو هو ته بنگلاديش جي معاشي ترقي جو سبب ڪهڙو آهي ته هن سياسي سبب بيان ڪندي چيو ته؛ اسان فوجين کي بيرڪن ۽ مولوين کي مسجدن تائين محدود رکيو آهي. ان جملي ۾ وڏي معنا نظر آئي. يعني ته ملان ملٽري جي پيرن ۾ ڪڙيون هڻي ئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو ويو.
مذهبي انتها پسند طور مشهور ملڪن مان بنگلاديش به هڪ آهي. جيڪڏهن اتي جمهوريت نه هجي ها ۽ معاشي طور ترقي نه ٿئي ها ته مذهبي انتها پسند مختلف اشوز کڻي ڪڏهوڪو ٻيو افغانستان بڻائي چڪا هجن ها. مسلم ليگ جو جنم بنگال ۾ ٿيو ۽ جماعت اسلامي جي ابتدائي آبياري ۾ به بنگالين جو وڏو هٿ آهي. جيڪي جماعت اسلامي جي پهرئين لاهور ڪنوينشن 26 آگسٽ 1941 تي وڏو وفد وٺي پهتا هئا.
جماعت اسلامي بنگلاديش جو پهريون عملي مظاهرو ٿيڻ تڏهن شروع ٿيو جڏهن بنگالين ٻولي جي جدوجهد شروع ڪئي ته هنن وري اردو جو ساٿ ڏنو. اڳتي وري جڏهن بنگالين 1971 ۾ آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي ته جماعت اسلامي الشمس ۽ البدر نالي رضاڪار تنظيمون جوڙي فوج سان گڏ بنگالي سياسي ڪارڪنن خلاف جدوجهد ڪئي. بنگلاديش جي آزاديءَ بعد کين ڏکيا ڏينهن نصيب ٿيا ۽ جماعت اسلامي جا ڪيترائي اڳواڻ بنگالين جي نسل ڪشي جي الزام هيٺ ڦاهي چاڙهيا ويا. جماعت اسلامي تي پابنديون به مڙهيون ويون. جيڪڏهن حڪومت ايئن نه ڪري ها ته بنگلاديش جي آزادي جي ڏهن سالن اندر ئي جماعت اسلامي انقلاب ناڪام بڻائي ڇڏي ها، ڇو ته سندن تنظيمي پاڙون مضبوط هيون ۽ مذهبي پروپيگنڊا ڪري هو ماڻهن جي مذهبي حساسيت سان کيڏندي ملڪ کي ڪنهن اوڙاهه ڏي ڌڪي ڇڏين ها.
موجوده سياسي تبديلي ۾ جڏهن ڪوٽا سسٽم جو معمولي مسئلو بيروزگار نوجوانن اٿاريو ته مذهبي پارٽين انهن کي اڀارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. حالانڪي اهڙا مسئلا خطي جي هر ملڪ ۾ ٿيندا آهن ۽ حل به. شيخ حسينا واجد نوجوانن جا اهي مسئلا حل ڪرڻ ويجهو هئي ته مذهبي پارٽين ڳالهه مان ڳالهوڙو پيدا ڪندي ”گهس جائو“ پاليسي اختيار ڪندي ”اڀي نهين تو ڪڀي نهين“ تي عمل ڪيو. جماعت اسلامي، مسلم ليگ بنگلاديش، حزب الطاهر، اسلامي اوئيڪيا جوت، اسلامڪ ڊيموڪريٽڪ ليگ، جميعت علماءِ بنگلاديش، خلافت مجلس، نظام اسلام پارٽي سان گڏ سوين ننڍين ننڍين مذهبي تنظيمن عوامي ليگ کي ڪافرن جي حڪومت قرار ڏيندي مورڳو حڪومت جي ئي تبديلي جو مطالبو ڪيو، جيڪو ڪوٽا سسٽم جي مطالبي کان بلڪل مختلف هو. انهن مذهبي سياسي تنظيمن مٿان پس پرده ڪيترين ئي پرڏيهي طاقتن جي حمايت جوالزام لڳايو ٿو وڃي. جيڪو دنيا جي هر ملڪ جي مذهبي انتها پسند تنظيمن کي جهڙوڪر ورثي ۾ مليو هجي.
بنگلا بندو شيخ مجيب الرحمان کي 15 آگسٽ 1975 تي پنهنجي ئي فوج جنرل ضياالرحمان جي سربراهي ۾ ڪٽنب سوڌو شهيد ڪري اقتدار ۾ آئي.جيڪو 1977 ۾ ملڪ جو صدربه ٿي ويٺو ۽ 1981 ۾ تائين رهيو.ان بعد جنرل حسين محمد ارشاد 1982 ۾ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو جيڪو 1990 تائين رهيو. مجموعي طور فوج بنگلاديش تي 16 سال حڪومت ڪئي. انهن پنهنجيون نيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آنديون ءِ جمهوري سياست ۾ پنهنجي باقيات ذريعي موجودگي رکي.
شيخ حسينا واجد جي حڪومت جي خاتمي لاءِ فوج تي به الزام هنيو ٿو وڃي. چون ٿا ته فوج ۾ ڪافي وقت کان بيچيني هئي ته اهي سياسي ڪاروهنوار ۾ پنهنجو حصو وجهن. اهي موقعي ۽ مهل جي تاڙ ۾ هئا. جيئن ئي ڪوٽا سسٽم جي خاتمي جو مطالبو آڏو آيو ته ان کي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ به مٿن الزام هنيو ٿو وڃي ته انهن ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين جي پٺي ٺپريندي سندن سهوليتڪار بڻيا.فوج تي اهو به الزام آهي ته انهن اهو ٻاهرين طاقتن جي ايما تي ڪيو آهي جيڪي ورهين کان بنگلاديش کي ڪيرائڻ جي موقعي جي تلاش ۾ هئا.
هڪ نئون بحث ميدان ۾ آهي ته آخر سياسي سيٽ اپ ۾ ٽيڪنيوڪريٽ جو نالو ڇو آيو؟ ڊاڪٽرمحمد يونس جو سياست سان ڪو تعلق ناهي ۽ هو معاشي ماهر يا اين جي او سيڪٽر سان واسطو رکندڙ ۽ گرامين بينڪ جو باني آهي. ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ پاڪستان ۾ پراڻو متعارف ٿيل آهي ۽ ان پويان ڳجهن هٿن جو الزام هنيو وڃي ٿو. چون ٿا ته اهو ساڳيو تجربو بنگلاديش ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي. ڇو ته دنيا جي بدلجندڙ معاشي صورتحال ۾ بنگلاديش جهڙي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ خودڪشي برابر ٿيندو. ان ڪري ئي نوان چهرا ميدان ۾ آڻي پس پرده حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
ڇون ٿا ته محمد يونس جي سربراهي ۾ حڪومت قائم ڪرڻ ڪو عوامي نه پر فوج جو ئي پلان آهي، جنهن کي بظاهر شاگردن واتان چورايو ويو. ان جو وڏو مقصد عوام جي منهن تي ڇنڊو وجهڻ به آهي ته ڏسو اسان ڪيترا ن ايماندار آهيون جو پاڻ نٿا اچون ۽ معاشي ماهر ٿا آڻيون. اهو محمد يونس ڇا ڪندو سو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر حالتون ٻڌائين ٿيون ته هو دائري اندر ئي ڪم ڪندو رهندو.
بنگلاديش سان سنڌي قوم جا برادراڻا لاڳاپا رهيا آهن. شيخ مجيب الرحمان ته سائين جي ايم سيد کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهندو هو ۽ 1970 جي اليڪشن ۾ سيد پاران ڪراچي ۾ کيس شاندار آجياڻو به ڏنو ويو. سيد پنهنجو پٽ سيد امداد محمد شاهه ۽ دوست قاضي فيض محمد شيخ، صاحب جي پارٽي ۾ شامل ڪرايا. سيد امداد محمد شاهه شايد عوامي ليگ سنڌ جو صدر هو ۽ قاضي فيض محمد کي عوامي ليگ جو سينئر نائب صدر چونڊيو ويو.
بنگلاديش ٺهڻ ۾ خدمتن طور شيخ حسينا واجد ٻن سنڌين کي بنگلاديش جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ڏنو. قاضي فيض محمد جو ايوارڊ سندس پٽ جاويد قاضي ۽ انور پيرزادي جو ايوارڊ سندس پٽ زرار پيرزادي ڍاڪا ۾ ورتو.
عوامي ليگ بنگلاديش جي باني پارٽي آهي ۽ سندس پاڙون پاتال ۾ آهن. جيتوڻيڪ وقتي طور حسينا شيخ جي ملڪ بدري ڪري اثر ته ضرور پوندو پر شايد حسينا واجد پنهنجو نعم البدل ڏئي ۽ ڪجهه وقت بعد عوامي ليگ وري پنهنجي هڪ نئين سياسي دور جي شروعات ڪري.ڇو ته ملڪ کي معاشي ترقي جي آسمان تي پهچائي ان جي حفاظت سندس سواءِ ٻيو ڪير ڪندو!
ڀلي کڻي ايندڙ اليڪشن ۾ عوامي ليگ کي زوريءَ هارايو وڃي پر مستقل وري به باني سياسي تنظيم عوامي ليگ جو آهي جيڪا مذهبي انتها پسندي ۽ آمرانا سوچ تي غالب ٿيندي پنهنجو اڌ ۾ ڇڏيل مشن ضرور پورو ڪندي.
هڪ نئون بحث ميدان ۾ آهي ته آخر سياسي سيٽ اپ ۾ ٽيڪنيوڪريٽ جو نالو ڇو آيو؟ ڊاڪٽرمحمد يونس جو سياست سان ڪو تعلق ناهي ۽ هو معاشي ماهر يا اين جي او سيڪٽر سان واسطو رکندڙ ۽ گرامين بينڪ جو باني آهي. ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ پاڪستان ۾ پراڻو متعارف ٿيل آهي ۽ ان پويان ڳجهن هٿن جو الزام هنيو وڃي ٿو. چون ٿا ته اهو ساڳيو تجربو بنگلاديش ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي. ڇو ته دنيا جي بدلجندڙ معاشي صورتحال ۾ بنگلاديش جهڙي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ خودڪشي برابر ٿيندو. ان ڪري ئي نوان چهرا ميدان ۾ آڻي پس پرده حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي.