9 مئي سانحو، عدالتي انڪوائري لاءِ ٻيهر هاءِ ڪورٽ پشاور وڃڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت 9 مئي سانحي جي عدالتي جاچ لاءِ ٻيهر پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪي پي ڪي جي قانون واري وزير آفتاب عالم جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن لاءِ ٻيهر هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو ويندو، جن نقطن تي اعتراض اٿاريا ويا آهن انهن کي ختم ڪري خط موڪليو ويندو.

آفتاب عالم چيو ته جڊيشل ڪميشن کي خط ڪابينا جي منظوري کانپوءِ موڪليو ويندو.

ياد رهي ته صوبائي حڪومت 9 مئي جي سانحي جي جڊيشل ڪميشن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اڳ به هڪ خط اماڻيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.