بهاولنگر: 20 هزار رپيا بجلي بل اچڻ تي پورهيت خودڪشي ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) بهاولنگر جي تعلقي چشتيان ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ پورهيت ٽن ٻارن جي پيءُ بجلي جو بل 20 هزار رپيا اچڻ تي زهريلي گوريون کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

محبوب ڪالوني جي رهواسي سبزي وڪرو ڪندڙ پورهيت محمد ساجد جو پنهنجي ڀائرن سان بجلي جو بل وڌيڪ اچڻ تي جهيڙو ٿي پيو.

بجلي جو بل ادا نه ڪرڻ تي ساجد نالي سبزي وڪرو ڪندڙ پورهيت مايوس ٿي زهريلي گوريون کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.

محمد ساجد گھر جي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ سبزيون وڪڻندو هو ۽ 20 هزار رپيا بجلي جو بل اچڻ تي سخت پريشان هو.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي اضافي بلن مهانگائي جي ور چڙهيل عوام جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ ان کان اڳ به مختلف شهرن ۾ بجلي جي اضافي بلن سبب جهيڙن، قتل ۽خودڪشي جا ڪيترائي واقعا سامهون اچي چڪا آهن. آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.