مارگله جي ٻن ڳوٺن جي زمين فوج کي دفاعي مقصدن لاءِ گهربل

اسلام آباد (بي بي سي)اسلام آباد جي سيڪٽر ڊي 12 کان 45 منٽن جي مفاصلي تي مارگلا هلز نيشنل پارڪ وٽ موجود  ڳوٺ ڪينٿالا جي زمين پاڪ فوج کي دفاعي مقصدن لاءِ گهربل آهي ۽ اتان جا رهواسي حڪومت ۽ فوج کي رحم جي اپيل ڪري رهيا آهن. گذريل مهيني پاڪ فوج حڪومت کي 3400 ڪنال کان وڌيڪ زمين سندن حوالي ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي اهلڪارن کي هري پور ضلعي جي تعلقي خانپور ۾ 3,481 ڪنال ۽ 17 مرله زمين جي دفاعي مقصدن لاءِ ضرورت آهي. اها زمين ٻن ڳوٺن ڪينٿالا ۽ ڪوٽ جندن ۾ آهي ۽ ايبٽ آباد ڪنٽونمنٽ بورڊ جي ملٽري اسٽيٽ آفيس طرفان هري پور جي ڊپٽي ڪمشنر کي لکيل خط ۾ زمين جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. ملٽري اسٽيٽ آفيس جي هڪ اهلڪار خط جي تصديق ڪندي چيو ته کين فوج جي 10 ڪور جو خط مليو آهي، جنهن جي بنياد تي ضلعي انتظاميا کي وڌيڪ تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. انتظاميه طرفان ان خط جو ڪو به جواب نه مليو. لاڳاپيل آفيسرن بي بي سي کي ٻڌايو ته ان مسئلي کي ڪجهه سياسي طاقتون مقامي لينڊ مافيا ۽ ذاتي مفادن خاطر اٿاري رهيون آهن، جڏهن ته آئين موجب سمورا سرڪاري ادارا لينڊ ايڪوزيشن ايڪٽ 1894 تحت هر سال اڏاوتن لاءِ زمين حاصل ڪندا آهن ۽ اهو عمل مختلف ادارن ۽ وزارتن پاران ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ڪيو ويندو آهي. اسلام آباد جي علائقي شاهه الله دتا ويجهو ڪينٿالا ڳوٺ خيبرپختونخواه جي ضلعي هري پور ۾ اچي ٿو. علائقي واسي مطلوب احمد ٻڌايو ته فوج کي گهربل زمين مان اٽڪل 2500 کنال زمين سندس ڳوٺ ۾ آهي جيڪا زرعي زمين تي مشتمل آهي ۽ هن علائقي ۾ 100 خاندان پڻ آباد آهن. اسان هتي صدين کان آباد آهيون. هي اسانجي ابن ڏاڏن جون زمينون آهن. ٻئي طرف پاڪ فوج ڪوٽ جندان  ڳوٺ جي 900 ڪنال زمين ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. هي علائقو اسلام آباد جي سيڪٽر ڊي 12جي ويجهو آهي ۽ هي آبادي نئين تعمير ٿيل ايران ايونيو مان ڏسي سگهجي ٿي. ڳوٺ جي هڪ رهواسي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي  چيو ته اسان ڪنهن به اداري سان ويڙهه نٿا چاهيون. جيڪڏهن فوج يا ڪنهن اداري کي اسان جي زمين جي ضرورت آهي ته توهان وٺي سگهو ٿا، پر اسان ملڪيت جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون.  هري پور جي ڊپٽي ڪمشنر شوزب عباسي چيو ته لينڊ اڪيوزيشن معمول جي ڪارروائي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ زمين حاصل ڪرڻ جو قانون آهي، هرڪو ان تي عمل ڪندو. ياد رهي ته هي ٻئي ڳوٺ مارگلا آهنهي جبل نيشنل پارڪ جي ويجهو آهن ۽ اسلام آباد ۾ آرمي جي ڊفينس ڪمپليڪس کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي آهن. تازو ئي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته فوج  علائقي جي ٻن ڳوٺن ۾ زمينون وٺڻ چاهي ٿي. هنن ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي ماڻهن جي زمين هاڻي ڀڳڙن مٽ تي خريد ڪئي ويندي. اهي ماڻهو ڪيڏانهن ويندا، انهن کي ڪٿي منتقل ڪيو ويندو؟ ان معاملي کي دفاعي ڪميٽي حوالي ڪري اختيارين کي طلب ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته فوج ايئرفورس ۽ نيوي جي گولف ڪورسز ۾ دفاعي اثاثا قائم ڪري. صحافي حامد مير لکيو ته بچاءَ واري کاتي کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته کين مارگلا هلز ۾ دفاعي مقصدن لاءِ زمين جي گهرج ڇو آهي ۽ جيڪڏهن آهي ته پوءِ انهن زمينن جي مالڪن کي مناسب معاوضو ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.