پي ٽي آءِ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف اليڪشن ايڪٽ تريميمي بل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان طرفان سلمان اڪرم راجا ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي خلاف آرٽيڪل 184 ٽي جي آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن جون لسٽون اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايون آهن، سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ جي فيصلي کانپوءِ مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جو حق آهي. بئريسٽر گوهر سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته ترميمي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ اپيل ڪئي ته اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن کي فوري طور تي ٻين سياسي پارٽين کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي. هن چيو ته عورتن ۽ غير مسلم لاءِ خاص سيٽون تحريڪ انصاف کي الاٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ باوجود اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو هو. قومي اسيمبلي کانپوءِ اڄ سينيٽ به اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.