9 مئي تي مشروط معافي جو اعلان، ملڪ ۾ ڪجهه ”وڏو“ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 9 مئي 2023 جي واقعن تي مشروط معافي جو اعلان ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ان ڏينهن جي واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظرعام تي  آندي وڃي جيڪڏهن منهنجي پارٽي جو هڪ ميمبر به واقعن ۾ ملوث هوندو ته ان کي پارٽي مان نيڪالي ڏيندس، سزا ڏيندس ۽ مان پاڻ معافي به وٺندس.واضح رهي ته عمران خان پهريون ڀيرو مشروط معافي وٺڻ تي راضي ٿيو آهي، ان کان اڳ هو سدائين چوندو رهيو آهي ته ڪهڙي ڳالهه تي معافي وٺان.اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ 190 ملين پائونڊ جي ريفرنس جي ٻڌڻي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته هو 9 مئي سانحي بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي، اسين به 9 مئي تي معافي نه ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته 9 مئي جا متاثر اسين آهيون، هن الزام لڳايو ته 9 مئي تي اسان جا 16 ماڻهو مارجي ويا. ٽن ماڻهن جون ڄنگهون ڪٽي ويون، هڪ مزدور مفلوج ٿي ويو؟ انصاف اسان کي گهرجي، جيڪڏهن ڊڄون ها ته جوديشل ڪميشن جو طالبو نه ڪيون ها، ڇا صرف آءِ ايس پي آر جي عزت آهي باقي ڪنهن پارٽي جي سربراهه جي عزت ناهي، مون کي رينجرز گهليو، ڇا توهان کي حق ناهي ته مون کان معافي گهرو؟ صحافي سوال ڪيو ته 9 مئي تي توهان جي ماڻهن جي هٿن ۾ پيٽرول بم هئا؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اسان پيٽرول بم صرف لاهور جي زمان پارڪ ۾ استعمال ڪيا هئا ٻيو ڪٿي به نه، جيڪڏهن ڪو پارٽي عهديدار حساس عمارتن تي پيٽرول بم اڇلائڻ ۾ ملوث آهي ته ان کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.عمران خان چيو ته آءِ ايس پي آر چيو ته مافيا پئسو خرچ ڪري پاڪستان مخالف مهم هلائي رهي آهي، توهان اسان کي نواز شريف ۽ زرداري جي ڪرپشن جا قصا ٻڌايا، هاڻي انهن ئي ماڻهن کي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري مڙهيو ويو آهي، اها فوج قومي ادارو آهي ان جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي.هن چيو شيخ حسينه واجد پنهنجي پسند جو آرمي چيف لڳايو پر هن پنهنجي ماڻهن تي گوليون هلائڻ کان انڪار ڪيو، اڄ پاڪستان جون حالتون بنگلاديش کان وڌيڪ خراب آهن، اسان وٽ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌيڪ آهي، 8 فيبروري تي سڏ ان ڪري نه ڏنو جو خبر هئي ته عوام تي ڪنٽرول ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، اسان ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه ٿا چاهيون، ملڪ خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن ڪير ڳالهائڻ نه ٿو چاهي ته اسين به ڳالهيون نه ڪنداسين، شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان جواب ڏنو ته شيخ مجيب الرحمان جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي، اهو حمود الرحمان ڪميشن جون فائينڊنگز آهن، منهنجو نه.سڌي معافي وٺڻ بابت سوال جي جواب  عمران خان چيو ته معافي اهو گهري جنهن ڪجهه غلط ڪم ڪيو هجي، هنن پرامن احتجاج کي دهشتگردي بڻائي ڇڏيو، مان ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، مان مظفر ڳڙهه جو پوليس وارو ناهيان جو پهريان مون کي ڪوڙا هڻن بعد ۾ آءِ جي وٽ وڃي معافي گهران.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حسينه واجد جنهن طرح ملڪ مان فرار ٿي وئي آهي، ان مان ڊپ آهي ته نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف به ملڪ مان ڀڄي نه وڃن، منهنجو مطالبو آهي ته ملڪ مان فرار ٿيڻ کان اڳ نواز شريف، آصف زرداري ۽ محسن نقوي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن منهنجو نالو به اي سي ايل ۾ انڪري وڌو وڃي ته جيئن جيل مان نڪران ته به ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهان.عمران خان چيو ته حسينه واجد جي واقعي کانپوءِ محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، صحافي سوال ڪيو ته هو چئي رهيو آهي ته سياسي اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن ته جيئن اهي فرار نه ٿي وڃن. جيڪڏهن نه ته توهان جي پارٽي جا شهباز گل، مراد سعيد، قاسم سوري، فرح گوگي ۽ احسن جميل گجر به ملڪ مان فرار آهن، توهان انهن کي واپس ڇو نٿا گهرايو؟ پي ٽي آءِ باني چيو ته اسان عدالتن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، هتي ڪو به ٽرائل نه ٿو ٿئي، ويگو ويگو گاڏي اچي ويندي آهي، اهي ماڻهن کي گرفتار نه ٿا ڪن، اغوا ڪن ٿا، منهنجي زال جي ڀاءُ، منهنجي ڀينرن ۽ ڀائٽين تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن،صحافي سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ ۾ شير افضل مروت جي موجوده حيثيت ڇا آهي؟ عمران خان ان جو جواب ڏيڻ کانسواءِ ئي هليو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.