سپر هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏيڻ بدران نئون موٽر وي ڇو نه پيا ٺاهيو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ڪراچي حيدرآباد موٽر وي بابت ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته سکر حيدرآباد ۽ لاهور اسلام آباد موٽر وي ٺاهي وئي، جي ٽي روڊ کي ته موٽر وي ناهي ٺاهيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور موٽر وي تي سروس روڊ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سپر هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏيڻ بدران نئون موٽر وي ڇو نه ٺاهيو پيو وڃي، سپر هاءِ وي جي ڀرسان جن جون ملڪيتون آهن انهن کي اتي پهچڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو ؟،  اين ايڇ اي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهرين جي داخلا لاءِ انٽري گيٽ ٺاهيا پيا وڃن، ڀرپاسي وارن علائقن جا ماڻهو اڏاوت لاءِ رقم ادا نه ڪري رهيا آهن. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته هي ماڻهو ڇو ادا ڪندا، ڇا اهو موٽر وي اسڪيم ۾ شامل ناهي، جيڪڏهن ڪنهن جي هتي زمين آهي ۽ اوچتو روڊ ٺهي ٿو ته ڇا سندس ملڪيت جو حق ختم ٿي ويندو؟،  درخواستگذار جي وڪيل چيو ته چيو پيو وڃي ته موٽر وي سهراب ڳوٺ کانپوءِ ٺاهي وئي آهي، اين ايڇ اي سروس روڊ تي مارڪيٽون ۽ دڪان ٺاهي وڪرو ڪري رهي آهي، قانون موجب سپر هاءِ وي، سروس روڊ ۽ گرين بيلٽ  تي ڪا به تعمير نٿي ٿي سگهي، اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي ، قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون . عدالت چيو ته موٽر وي ٺاهڻ وقت پراڻي زمين کي به نظر ۾ رکيو وڃي، شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسڪيم جو حصو هجڻ گهرجي، هي ته سپر هاءِ وي آهي، نئين موٽر وي ڇو نه ٺاهي رهيا آهن. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته سکر-حيدرآباد، لاهور-اسلام آباد موٽر ويز ٺاهيا ويا پر جي ٽي روڊ نه ٺاهيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ايڇ اي ۽ ٻين ڌرين کان 28 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.