اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) منڊي بهاءُ الدين مان کنڀيل پي ٽي آءِ ايم اين اي چوڌري امتياز جي ڀاءُ چوڌري اعجاز چيو ته منهنجو ڀاءُ ٻيو ڀيرو چونڊجيو آهي،اسان تي ڪو به ڪيس داخل ناهي،هن جو پٽ ڪيسن سبب فرانس ۾ سياسي پناهه وٺي ويٺل آهي، هن کي به کنڀي تشدد جو نشانو بڻايو ويو،هن چيو ته منهنجو ڀاءُ چونڊجڻ کانپوءِ هن تي انٽيليجنس ادارن پاران چيو ويو ته ن ليگ ۾ شامل ٿي وڃو،اها ڳالهه غلط آهي ته ڀاءُ گوجرانوالا ۾ اداري کي لکي ڏنو ته هو چونڊجي ويو ته فلاڻي پارٽي ۾ شامل ٿيندو،پي ٽي آءِ جي چونڊيل 41 ايم اين ايز کي کنڀجڻ جي ڊپ سبب ڪي پي هائوس ۾ رکيو ويو،هن چيو ته ڀاءُ کي 24 جولاءِ تي منڊي بهاءُ الدين مان ويگو ڊالن وارا اغوا ڪري ويا،ٻئي ڏينهن تي هن تي3 لک رپين جي رشوت جي الزام ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو،29جولاءِ تي کيس گوجرانوالا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،گواهه بيان تان ڦري ويو، هن چيو ته عدالت ۾ سرعام گواهه کي پوليس کنڀي وئي،جج ٻيهر ٻن ڏينهن جو رمانڊ ڏئي ڇڏيو،اسان جي وڪيلن احتجاج ڪيو، ،پنجاب ۾ عملي طور مارشل لا آهي،قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چوڌري پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو واعدو ڪيو، 30 جولاءِ تي فلمي انداز ۾ حاجي امتياز کي پوليس جي حراست مان ڇڏرائي 12 ماڻهو کڻي ويا،اهو الزام اسان تي هنيو ويو،جنهن بعد پنجاب پوليس اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪيون،هن چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ ۾ وياسين،جسٽس علي باقر نجفي پوليس کي هدايتون ڪيون ته حاجي امتياز کي پيش ڪيو،ڪالهه حاجي امتياز کي والده سان فون تي ڳالهرايو ويو،ادارن کي چئون ٿا ته اسان انڊيا جا ايجنٽ يا دهشت گرد ناهيون.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 08 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو