بجيٽ قدمن سان مهانگائي جو خدشو، سياري ۾ ڪڻڪ مهانگي ٿي سگهي ٿي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد بجيٽ قدمن سبب مهانگائي وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪندي  خبردار ڪيو آهي ته سياري ۾ ڪڻڪ جا اگهه وڌي سگهن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد قومياسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال 26.2 ارب ڊالرن جو قرض ادا ڪرڻو آهي ۽ 12.3 ارب ڊالرن جو قرض رول  اوور ٿي ويندو. هن چيو ته ناڻي واري وزير چيو آهي ته اهي قرض ورتا ويندا، باقي 4 ارب ڊالر ڪمرشل قرض آهي جيڪو ادا ڪيو ويندو ۽ ڪمرشل قرض جي ادائگي کانپوءِ واپس ڪيو ويندو. هن چيو ته هن سال 26 ارب مان باقي 10 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آهن، ساڍا ٽي ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 8.5 ارب ڊالرن جو ٻيو قرض ادا ڪرڻو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وڌيڪ چيو ته ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 9.1 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن ۽ قرضن جي پورائي لاءِ ڪافي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا موجود آهن. هن بجيٽ قدمن ۽ توانائيءَ جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته سياري ۾ ڪڻڪ جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي به وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ لڳي ته تيل جون قيمتون وڌي سگهن ٿيون. گورنر جميل احمد چيو ته مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ ايندڙ سال مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو ٿي ويندي. هن چيو ته سخت مانيٽري پاليسي سان اڳتي وڌندي 2022ع ۾ 17.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٿيو جيڪو پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ ناقابل برداشت رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.