حيدرآباد(رپورٽر) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سروري جماعت جا ماڻهو وڏي انگ ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ اهي سڀ بلاول ڀٽي زرداري کي ووٽ ڏئي وزيراعظم بڻائيندا،. اهڙو اظهار هن ڪالهه پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سروري جماعت جي اڳوڻي گادي نشين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مخدوم امين فهيم جي 85 هين سالگرهه جي موقعي تي حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. مخدوم جميل الزمان چيو اسان کي ان ڳالهه تي افسوس آهي ته پيپلزپارٽي سان آخري گهڙي تائين نڀائيندڙ مخدوم امين فهيم تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، اهي ڪيس سندس شخصيت کي ميرانجهڙو ڪرڻ لاءِ قائم ٿيا هئا، اها ورهاست مون کي به ملي ۽ ان ئي ورثي مان، منهنجي پٽ تي به ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا، اهي ڪيس فرمائشي هئا ۽ اسان کي خبر آهي ته اهي ڪيس ڪنهن ٺاهيا ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه اسان کي هڪ اهڙي شخصيت ٻڌائي هئي جيڪا پنهنجي ڳالهه تان ڪڏهن به نه ڦرندي. هن چيو ته اهي ڳالهيون منهنجي والد به معاف ڪيون، مون به معاف ڪيون ۽ منهنجي پٽ به معاف ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته پ پ جيڪا شهيد ڀٽو جي دور ۾ ٺهي ان جا 6 کان 7 گروپ ٿيل آهن. اسان جڏهن اليڪشن ۾ ويندا آهيون ته اهو ئي نعرو هڻندا آهيون ته بلاول ڀٽي کي وزيراعظم ٺاهينداسين. اهو به اسان جي دل جو آواز آهي. سنڌ جا ماڻهو ته اسان کي بلاول ڀٽي کي وزيراعظم ٺاهڻ لاءِ ووٽ ڏين ٿا پر انهن ووٽن سان بلاول ڀٽو وزيراعظم نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پنجاب جا ووٽ گهربل آهن پر پنجاب ۾ جيڪي پ پ جا جبل جيڏا اڳواڻ هوندا هئا سي خبر نه آهي ته ڪيڏانهن هليا ويا آهن. هن چيو ته پنجاب جا اڳواڻ عهدا وٺڻ لاءِ ته اچن ٿا پر هو بلاول ڀٽي زرداري کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ايم اين اي ڪرائڻ ۾ ناڪام آهن. ايتري حد تائين جو پ پ چيئرمين پارٽي جي جنم ڀومي لاهور مان به شڪست کائي اچي ٿو، اهي ووٽ عمران خان يا مريم نواز کي ملن ٿا. هن سوال ڪيو ته آخر اهي ووٽ بلاول زرداري کي ڇو نٿا ملن ۽ پنجاب جي قيادت ڇو ستل آهي؟ جيڪڏهن هو ووٽ نٿا ڏياري سگهن ته پوءِ استعيفيٰ ڏئي گهر ڇو نٿا هليا وڃن. هن چيو ته بلاول ڀٽي زرداري سان لکين ماڻهو محبت ڪن ٿا. وقت اچي ويو آهي ته پراڻن ماڻهن کي هٽائي نوجوان قيادت کي اڳيان آندو وڃي ته جيئن بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجي سگهي. هن چيو ته ڪمپرومائيز جي سياست تحت وزيراعظم پنجاب مان ٿين ٿا ان ڪري سنڌ جو ڪو به ڪم ڪار نٿو ٿئي. هن مثال ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪي فور جو منصوبو سالن کان رليل آهي، حيدرآباد ۽ سنڌڙي جا ايئرپورٽ ويران پيل آهن. اسان جي به خواهش آهي ته ڪو پي آءِ اي جو جهاز اچي حيدرآباد جي ايئرپورٽ تي لهي. هن چيو ته جيڪا حڪومت سالن کان پوليو تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي اها حڪومت اهي منصوبا ڪڏهن پورا ڪندي. هن چيو ته اسان کي سنڌ مان پنهنجو وزيراعظم آڻڻو پوندو. اسان کي ڪرپٽ ماڻهو نه گهرجن. هن چيو ته بينظير ڀٽو صاحبه کي چئني صوبن جي زنجير سڏيو ويندو هو، هاڻي اها زنجير ڪٿي آهي؟ ان زنجير کي اسان جي ئي ماڻهن ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. پ پ کي ٻيهر زندهه ٿيڻو پوندو. سکر ڪراس ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن کي به سنڌ ياد ڪانهي. ڪراچي کي ان ڪري ياد ڪيو وڃي ٿو جو اها سڀني کي پالي ٿي. هن چيو ته اسان کي اسلام آباد جي مقابلي ۾ سنڌ کي به اڳيان آڻڻو پوندو. هن چيو ته مون کي پڪ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اسان جي درخواست تي سنڌ جو ڪو به ڪم نه ڪندو، آئون ميان نواز شريف سان ملي کيس گذارش ڪندس ته هو سنڌ جا منصوبا مڪمل ڪري ته جيئن ڪو جهاز اچي حيدرآباد ۾ لهي. هن سوال ڪيو ته اسان جي ماڻهن کي نوڪريون ڪير ڏيندو، رستا ڪير ٺاهيندو، اسان جون شڪايتون آخر ڪير حل ڪندو؟ ذوالفقار علي ڀٽي ماڻهن کي زبان ڏني. هن چيو ته مون کي به چيو ويو ته پ پ ڇڏي وڃو ۽ ان لاءِ هڪ مهم هلائي وئي پر مون پ پ نه ڇڏي. مون کي چند لولين لنگڙين وزارتن کانسواءِ ٻيو ڇا مليو آهي. هن چيو ته اسان پيپلزپارٽي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني وارا به مون وٽ آيا هئا. اسان حيدرآباد مان به سيٽون حاصل ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين سبب نه رڳو غريبن پر اميرن کي به نقصان ٿي رهيو آهي. اسان خاموش رهندا ٿا اچون پر ماڻهن تي بجلي ڪري ته اسان خاموش نه ويهنداسين.