اليڪشن ڪميشن پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ 12 جولاءِ تي مخصوص سيٽن جي فيصلي کي واپس وٺي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن تي 12 جولاءِ جو فيصلو واپس  وٺي، اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن به قانوني ۽ عدالتي فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي.  درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي آئين جي آرٽيڪل 218 ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، آئين جي غلط تشريح جو معاملو آئيني اداري ڏانهن اماڻيو وڃي. ياد رهي ته گذريل مهيني 12 جولاءِ تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني فل ڪورٽ بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو هو.  درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ انصاف جي مفاد ۾ 12 جولاءِ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.